ايم آر ڊي کانپوءِ سنڌين کي سيکت ڏيڻ لاءِ ايم ڪيو ايم ٺاهي وئي، هاڻي ٻيهر ان ۾ ساھه وجهڻ جي ڪوشش پئي ٿئي: اياز لطيف

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي ايم ڪيو ايم جي حوالي سان سخت ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته آگسٽ 1983ع جي ايم آر ڊي تحريڪ کانپوءِ سنڌين کي سيکت ڏيڻ لاءِ ڇهن مهينن اندر مارچ 1984ع ۾ ايم ڪيو ايم ٺاهي وئي هئي.
سوشل ميڊيا تي ڪيل پوسٽ ۾ اياز لطيف پليجي چيو ته ”آگسٽ 1983 جي ايم آر ڊي تحريڪ کانپوءِ سنڌين کي سيکت ڏيڻ لاءِ اوهان ڇهن مهينن اندر مارچ 1984ع ۾ ايم ڪيو ايم ٺاهي. هاڻي به ان ۾ ساھه وجهي ساڳيو ڪم پيا ڪيو ۽ نتيجو به ساڳيو ئي ملندو.“

You might also like