اوهان ماڻھن کي منهنجو ننڍڙو عرض آھي ته اوهان مهرباني ڪري مظلوم.فلسطينين جي لاشن ۽ سندن جي تڪليفن.اهنجن.دردن تي جيڪي اوهان مانگر مڇ وارا ڳوڙها ڳاڙيو ٿا يا انهن جي باري ۾ سوشل ميڊيا تي سکڻيون ڳالهيون ڪري پنهنجو قد وڌائڻ بند ڪيو.ڇاڪاڻ ته چاهي سڄي دنيا جا مسلمان روئن رنڀن.ماتم ڪن.يا پٽڪو ڪن .پر ان سان نه فلسطينين جو ڪو نقصان ٿيڻ وارو آھي ۽ نه ئي انهن کي وري ڪو فائدو ٿيڻ وارو آھي.ڇاڪاڻ ته جڏھن انهن جي گهرن جون ڇتون ڪري پونديون آھن۽ انهن ۾ سوين ماڻھو دٻجي ڪري فنا ٿي ويندا آھن ته اوهان ان وقت روئندا ناهيو بلڪ عملي قدم کڻندا آھيو. جڏھن اهو مامرو ڪن ٻين سان پيش ايندو آھي ته تڏھن جلسا به ڪندا آھيو.جلوس به ڪڍندا آھيو.احتجاج به ڪندا آھيو ۽ احتجاجن ۾ گدڙ ڀڀڪيون به ڏيندا آھيو.ماتم.به ڪندا آھيو.مانگر مڇ وارا ڳوڙھا به ڳاڙيندا آھيو ۽ مذمتون به جاري ڪندا آھيو. هن سان ٽڪر کائڻ جي همت نٿا ڪري سگهن.ڄڻ اسرائيل جهڙي ننڍڙي 80لکن جي لڳ ڀڳ آبادي هنن جي لاءِ موسي عليه الاسلام جي ازدها هجي جيڪا هنن سڀني کي هڪ ڌڪ ۾ ڳڙڪائي ڇڏيندي.اها الڳ ڳالهه آھي ته ڪجهه ويڙهاڪ تنظيمون اسرائيل جي خلاف جنگ ڪري رهيون آھن جيڪي ڪنهن ملڪ جون تسليم ٿيل نمائنده تنظيمون به ناهن انهن تنظيمن تي عالمي سطح تي دهشتگرد تنظيمن جو ليبل به لڳل آھي۽ گڏ ئي اها به تاريخي حقيقت آھي ته پنهنجي ملڪ جي دفاع جي لاءِ وڙھڻ وارن کي ڪي ماڻھو مجاهدين سڏين ٿا ته ڪي وري دهشتگرد سڏين ٿا.جيڪو سلسلو اڄ ڪلهه جو ناهي اهو سلسلو صدين کان هلندو پيو اچي.دنيا ۾ جيترا به ملڪ آزاد ٿيا آھن اتي آزادي جي ويڙھ وڙھڻ وارن کي دهشتگرد چوڻ وارا وري اوچتو پلٽو کائي مجاهد ڌرتي جا سپوٽ ڪوٺيندا آھن. حماس جي طرف کان اسرائيل تي حملو ڪيو ويو . اهو حملو گذريل 75ع سالن ۾َسڀ کان وڏو خطرناڪ حملو سڏيو وڃي ٿو.ان کانپوءِ اسرائيل پڪو په ڪري ڇڏيو ته حماس کي پاڙ کان پٽي ختم ڪرڻ تائين هڪ رات به سڪون سان ننڊ نه ڪندو ۽ اسرائيل سان گڏ امريڪا بهادر به ميدان ۾ اچي ويو ۽ اسرائيل کي هرقسم جي جنگي سامان سان گڏ سامونڊي ٻيڙا پڻ اسرائيل جي سمنڊ ۾ مقرر ڪري ڇڏيا.برطانيا جي وزيراعظم ۽ فرانس جي صدر فورن اسرائيل پهچي ڪري اسرائيل کي هر قسم جي آٿت ڏني ته اسان توسان هر قيمت تي گڏ آھيون.توکي پنهنجي دفاع جي لاءِ حماس جو خاتمو ڪرڻ جو اختيار يا حق حاصل آھي.پوءِ ڏسو ته اسرائيل اهي سموريون حدون اورانگهي چڪو آھي جيڪڏھن ڪو ملڪ ائين ڪندو آھي ته ان کي انٽرنيشنل ڪريمنل ڪورٽ ۾ آندو ويندو آھي.۽ ان کي سنگين ڏوھن جو ڏوهاري قرار ڏنو ويندو آھي.
رفيوجي ڪيمپ ۽ هاسپٽلس تي بمباري نٿي ڪري سگهجي.رهائشي علائقن تي بمباري نٿي ڪري سگهجي.پر اسرائيل جي بمباري هزارين بيگناه شھيد ٿي ويا.جن ۾ اٽڪل پنج هزار معصوم ٻارڙا به شامل آھن.اقوام متحده جو سيڪريٽري جنرل انهن بيگناه فلسطينين جي موت تي (غزه کي ٻارڙن جو قبرستان)سڏيو آھي.۽ اصل انگ اکر بعد ۾ ئي ملي سگهن ٿا.صرف هڪ اسپتال الشفا تي حملي ۾ پنجن سون کان وڌيڪ ماڻھن کي پنهنجين زندگين جو نذرانو ڏيڻو پيو.۽ ائين لڳي ٿو ته اسان ان جنگ کي اسرائيل ۽ فلسطين جنگ به نٿا چئي سگهون.ڇوته ان جنگ ۾ فلسطينين جو صدر محمود عباس جو ڪو ڪردار اسان کي نظر نٿو اچي بلڪ اهو ته دنيا جي هر جڳهه تي ماڻھن کي پيرين پئي رحم جي خيرات گهرندي ڏيک ڏيئي ٿو.
جڏهن ته هو فکسطين جو صدر آھي.پر سندس جي ٽڪي جي به حيثيت ناهي.حماس جو غزا ۾ اقتدار تي اچڻ محمود عباس جي لاءِ ذلت جو سبب ٿي رهيو آھي.حماس اسرائيل سان جنگ ۾ ھو ته هڪ ٻيو محاذاسرائيل جي سامهون ٿيو۽ اھو حماس کان وڌيڪ خطرناڪ آھي جنهن کي حزب الله جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو.جيڪو لبنان کان اسرائيل تي راڪيٽن جي برسات وسائي رهيو آھي.۽ وري ڏسندي ئي ڏسندي هڪ ٽيون محاذ جنهن کي حوثي جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو.جيڪو يمن ۾ آھي.اهو به ميدان ۾ اسرائيل جي خلاف چيلهه سان سندرو ٻڌي لهي پيو آھي.هڪ خاص ڳالهه ويچارڻ جي اها آھي ته حماس.حزب الله ۽ حوثي انهن تنظيمن کي بيشڪ ايران سپورٽ ڪري رهيو آھي۽ انهن تنظيمن جو تعلق به شيعا فرقي سان آھي.اصل ۾ مسئلو هتي اچي ڪري ڏکيو ٿي وڃي ٿو ته سعودي عرب .اردن ۽ ٻيا سني عرب ملڪ نٿا چاهين ته اسان ان جنگ ۾ شامل ٿيون.جيڪڏھن ايران ان جنگ ۾ شامل به ٿيئي ٿو ته ممڪن آھي ته سعودي عرب ۽ اردن ۽ ٻيا عرب ملڪ ايران جوساٿ ڏيڻ جي بدران امريڪا جو ساٿ ڏين.انهن ٽنهي تنظيمن کي سعودي عرب ۽ اردن پسند نٿا ڪن.ايران چاهي ٿو ته عرب ملڪ به جنگ ۾ اڳتي اچن.پر ڪو به عرب ملڪ اڳتي اچڻ جي لاءِ تيار ناهي .
عربن کي ان انجام جي ڄاڻ آھي ته جنهن کي اهي گذريل عرب اسرائيل جنگين ۾ آزمائي چڪا آھن.ان ڪري ڪو به عرب اها غلطي نه ڪندو.۽ ايران به نٿو چاهي ته اڪيلو ان جنگ ۾ اسرائيل جي مقابلي ۾ اچي.ڇاڪاڻ ته ايران کي پروڙ آھي ته اسرائيل جي پٺيان امريڪا بيٺو آھي.۽ امريڪا جا نيوڪليئر سامونڊي ٻيڙا تيار بيٺل آھن.ڪنهن به وقت اهي اڏام.ڪري سگهن ٿا.فلسطينين جي نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي۽ ان جا ذميوار حماس ۽ اسرائيل ٻئي آھن.حماس7آڪٽومبر جي جنگ واري بيوقوفي نه ڪري ها ان قسم جي ڪاروائي ڪرڻ جو اسرائيل کي موقعو ئي نه ملي ها جنهن جي ھو سالن کان اوسيئڙو ڪري رهيو هو.ان جنگ کي نه عربن۽ نه اسرائيل جي جنگ چئي سگهجي ٿو اها جنگ اسرائيل ۽ حماس جي وڇ ۾ هلي رهي آھي.غزا جو شھر کنڊر ۾ تبديل ٿي رهيو آھي۽ اسرائيل جي مسلسل بمباري جاري آھي.هر ڏينهن سوين مسلمانن جو قتل ٿي رهيو آھي پر ڪو به انهن جو مددگار بڻجڻ جي لاءِ تيار ناهي.ان ڪري فلسطينين جي جڏھن ڪا مدد به نٿي ڪئي وڃي ته ساڻن ٿيندڙ ظلمن تي مسلم ملڪن ڪوڙو ڏيکاءُ وارو ماتم به نه ڪن.