سائين عزيز ڪنگراڻي جو ڪتاب ؛ ”سنڌ جا ماڳ اماڳ“ سال 2022ع ۾ پيڪاڪ پبلشرز وارن ڪراچيءَ منجهان ڇپرائي پڌرو ڪيو آهي. هن جي نالي منجهان ئي ظاهرآهي ته هي ڪتاب سنڌ جي قديم آثارن ۽ ثقافتي ماڳن بابت لکيو ويو آهي. ليکڪ پنهنجي هن قلمي پورهيي جي ارپنا ؛ ” قديم سنڌ جي ڳولائو نوني گوپال مَجُمدار جي نانءِ “ ڪئي آهي . جڏهن ته هن جو مهاڳ سنڌ جي نالي واري اديب ۽ شاعر محترم علي آڪاش صاحب لکيو آهي ، جنهن ۾ هو ليکڪ جو مختصر تعارف ڪرائڻ کان پوءِ لکن ٿا ته ؛ ”سنڌ ۾ تحقيق جي ميدان ۾ گهڻي ڪم ڪرڻ جي گهرج آهي. خاص طور تاريخ تي ، جنهن تي حقيقي ماخذ هڪ هٿ جي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا به مس ٿيندا. اهي ماخذ به ڪنهن نه ڪنهن بيانيي کي هٿي ڏيندڙ آهن . تنهن ڪري منجهن سچائي ڳولي لهڻ به هڪ وڏو امتحان آهي. قديم آثارن جي عِلم جي سائنسي طريقيڪارَ ماضيءَ جي شاهدين کي گڏ ڪرڻ ۽ پَرکڻ ۾ مدد ڏني آهي. تنهن کان سواءِ سنڌ ۾ ڪي اهڙا جاکوڙي محقق به پيدا ٿي پيا آهن، جيڪي تاريخي شاهدين کي هٿ ڪرڻ لاءِ ماڳن مڪانن تي ڪَهي وڃن ٿا. اهي گهر ويٺي ٻه مقالا پڙهي ٽيون لکي ، هڪدم عالم نه ٿا بڻجن . عزيز ڪنگراڻي صاحب جي ڳڻپ به اهڙن ئي جاکوڙي ۽ سُچيت محققن ۾ ٿئي ٿي“
ليکڪ پنهنجي هن ڪتاب کي ڪُل ڇهن ڀاڱن ۾ ورهايو آهي. پهرئين ڀاڱي جو عُنوان ”سنڌ جا اهم تاريخي ماڳ“ آهي . هن حصي ۾ ليکڪ مُهين جي جي دڙي ، پٿرن تي اُڪريل سنڌو لِکت ، ميلوها جي ماڳ ، رني ڪوٽ ، مڪلي ، شهيد دولهه درياهه خان ، مختلف ڪَتبن ۽ نوريءَ جي اصل مزار واري ماڳ تي مختصر مضمون لکيا آهن . هن ڀاڱي جي هڪ مضمون ۾ ليکڪ صفحي نمبر پنجاهين تي لکيو آهي ته ؛ ” رني ڪوٽ ئي نيرون آهي“ . جڏهن ته ليکڪ پنهنجي ئي اڳ ۾ ڇپيل هڪ ڪتاب ؛ ” ڪاڇو هڪ اڀياس“ ۾ لکيو آهي ته ؛ ”نيرون ڪوٽ جوهي تعلقي ۾ آهي“ ! اهي ٻيئي رايا معزز ليکڪ جا پنهنجا آهن ، جيڪي هن ٻن مختلف ڪِتابن ۾ لکيا آهي ، اِهي سندس ئي ڪيل ڳالهه کي متضاد بڻائن ٿا!.
منهنجي خيال ۾ ليکڪ کي اهو واضح ڪرڻ گهرجي ها ته ؛ ” اڳ ۾ لکيل ڳالهه جي جاءِ تي هاڻ هو نئين تحقيق جي روشنيءَ ۾ پنهنجي راءِ کي تبديل ڪندي هاڻوڪي ڳالهه کي اصل حقيقت سمجهن ٿا “.
بهرحال منهنجي رني ڪوٽ تي ڪيل تحقيق مطابق به اهو اصل ۾ قديم نيرون ڪوٽ ئي آهي ، جنهن جو ذڪر چچنامي ۽ ٻين قديم تواريخي ماخذن ۾ آيو آهي.
ليکڪ جي هن ڪتاب جي ٻئين ڀاڱي جو عنوان ؛ ”مقبرا ، قبرستان ، قبرون ۽ بُٺيون“ آهي ، جنهن ۾ هن کيرٿر جابلو سلسلي ۾ موجود ڊگهين قبرن ، ڪاڇي ۾ موجود قديم ۽ تواريخي قبرستانن جو ذڪر ڪيو آهي. ٽئين ڀاڱي ۾ هن سنڌ جي ڪجهه ڪوٽن ۽ قلعن بابت لکيو آهي جن ۾ ؛ ” عمر ڪوٽ ، واهي پانڌي لڳ ميان جي ڪوٽ ، ٽنڊي الهيار واري قلعي ، سيسم جي قلعي ، سِرڻي ڪوٽ ۽ اُنڙ ڪوٽ “ جو ذڪر ٿيل آهي.
چوٿين ڀاڱي ۾ سنڌ جي ڪجهه تواريخي دڙن ، قديم شهرن ، ڳوٺن ، ٺلهن ، ماڳن ۽ ڪجهه ٻين قديم آثارن جي ڄاڻ ڏني وئي آهي. جڏهن ته ڪتاب جو پنجون ڀاڱو ڪاڇي ۽ کير ٿر واري علائقي ۾ موجود نئن ، بندن ۽ ماٿرين بابت آهي.
هن ڪتاب جو ڇهون ۽ آخري ڀاڱو متفرقات تي مشتمل آهي ، جنهن ۾ ليکڪ ؛ ” دادو شهر جي قدامت ، اين جي مجمدار جي قتل جي ايف آءِ آر ، شهيد دولهه درياهه خان جو ڳوٺ ڳاها ، دولهه درياهه خان جي اوطاق ۽ تاريخ جي درستگي ۽ شهيد مخدوم بلاول جي گهاڻي ۾ پيڙجڻ وارو مفروضو “ جي عُنوان سان مضمون لکيا آهن .
حاصل مقصد اهو ته هن ڪتاب ۾ شامل سمورا مضمون پنهنجي جاءِ تي تمام بهترين ۽ ڪارائتي ڄاڻ مهيا ڪن ٿا. جيئن ته مون سائين عزيز ڪنگراڻي جا لکيل سمورا ڪتاب نه رڳو پڙهيا آهن ، پر انهن جا مختصر اڀياس پڻ عَوامي آواز اخبار ذريعي اوهان پڙهندڙن تائين پهچايا آهن. سو منهنجي نماڻي راءِ اها آهي ته ؛ هن ڪتاب ۾ سمورا نه ، ته به اڌ کان گهڻا مضمون سندس ٻين ڪتابن ۾ ڇپيل آهن ، ليکڪ رڳو انهن ۾ ٿوري گهڻي تبديلي آندي آهي. ٻي اهم ڳالهه اها ته هن ڪتاب ۾ تحقيقي طريقي ڪار سان حوالا نه ڏنا ويا آهن ۽ نه ئي ببليوگرافي ڏني وئي آهي.!
جيتوڻيڪ ليکڪ پنهنجي پاران واري حصي ۾ ان ڳالهه جي وضاحت ڪئي آهي ته ؛ ” هنن مضمونن ۾ سائنسي ۽ تحقيقي عنصر گهٽ آهي ، ڇاڪاڻ ته اخبار لاءِ لکيل آهن ۽ هن وقت نئين سِر ببليوگرافي شامل ڪرڻ کي ترجيح نه ٿو ڏيان… “
منهنجو معزز ليکڪ جي ان ڳالهه سان اختلاف آهي ، ڇاڪاڻ ته اڄ ڪلهه جي جديد دور ۾ حوالن ۽ ببليوگرافي کان سواءِ تحقيق جي دنيا ۾ اسان جو ڪو به ڌڪو ئي داخل ڪو نه ٿيندو! ۽ اسان جي لکڻين کي اهو مان ۽ مڃتا ڪا نه ملندي ، جيڪا ملڻ گهرجي.
بهرحال جيئن ته ليکڪ پنهنجي پاران لکيل لفظن ۾ اهو واضح ڪيو آهي ته هن اهي سمورا مضمون پنهنجي موبائيل ذريعي ٽائيپ ڪيا آهن ۽ دربدري واري زندگي دوران ڏکيائن جي ڪري هو ، هن ڪتاب کي جديد سائنسي ۽ تحقيقي ڏيک نه ڏيئي سگهيو.
منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن ليکڪ پاران ڪا گهٽ وڌائي يا کوٽ سوٽ ٿي وڃي ، ته پوءِ ان جي ذميواري ڪتاب تي نظرثاني ڪندڙ ۽ پبلشر تي اچي بيهي ٿي ته هو ان کي پورو ڪن . پر افسوس جو انهن به ان ڳالهه جو خيال نه رکيو آهي.
انهن اوڻاين هوندي به هن ڪتاب ۾ تمام گهڻي ڄاڻ ڏنل آهي ، جنهن منجهان پڙهندڙ ضرور لاڀ حاصل ڪندا.