بلوچستان عوامي پارٽي يعني باپ پارٽيءَ کي مسلم ليگ (ن) ڳلي لڳائي ورتو آھي.باپ بابت سموريون شڪايتون مسلم ليگ ن وساري ڇڏيون آهن. اھي طعنا جيڪي ن ليگ باپ جي حوالي سان تحريڪ انصاف ۽ پيپلزپارٽي کي ڏيندي رھي، اڄ اهي ئي طعنا ن ليگ کي چيڙائي رهيا آهن، ياد ڏياريو پيو وڃي ته آخرڪار نواز شريف پاڪستاني سياست جي باپ کي تسليم ڪري ورتو.
نواز شريف حڪومت جي خاتمي ۽ باپ جي ڪردار ۽ بعد ۾ باپ جي عمران خان پروجيڪٽ جي ڪاميابي، تحريڪ انصاف جي حڪومت ٺهرائڻ ۾ سندس ڪردار کان وٺي پيپلز پارٽي سان ياري باشي تي، مسلم ليگ (ن) ھڪ عرصي تائين ڪاوڙيل رھي ۽ باپ جي باپو جي باري ۾ خوب طعنا ڏيندي رهي.
جڏهن عمران خان جي حڪومت جي خاتمي جو وقت آيو ته پاڪستان جي سياست جي باپ جماعت رخ موڙيو ۽ باپ جماعت عمران خان جي خلاف ٿي وئي. هاڻي جڏهن نوازشريف ھڪ لاڏلي طور پاڪستان واپس آيو ته هن جو سڀ کان پهريون دورو بلوچستان جو ٿيو. جتي هن اسان جي سياست جي باپ کي سڀني جي سامهون ڀاڪرن ۾ ڀري ورتو.يعني ٻئي هڪ ٿي ويا آهن،کير کنڊ ٿي ويا جيڪو ان ڳالهه جو اشارو آهي ته مسلم ليگ ن مستقبل ۾ حڪومت ٺاهڻ وڃي رھي آهي.
جيڪڏهن 2018ع جون چونڊون رڳو هڪ رسمي ڪارروائي هيون ته هن ڀيري به ائين ٿينديون نظر اچي رهيون آهن.باپ جماعت جي سياست تي نظر وجهڻ سان هڪ ڳالهه ثابت ٿي وڃي ٿي ته گذريل پنجن ڇهن سالن ۾ پاڪستان جي سياست جي باپ جماعت ٽنھي وڏين سياسي جماعتن يعني تحريڪ انصاف، مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي کي اگھاڙو ڪري ڇڏيو.
جمهوريت هتي صرف هڪ پردو آهي. سياستدانن جمهوريت کي صرف ووٽن ۽ چونڊن تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان لاءِ اھي ڪنھن بھ قسم جي ٻھ نمبري جي لاءِ تيار رھن ٿا. جيڪڏهن هڪ طرف ڪو به سول بالادستي لاءِ سنجيده ناهي ته ٻئي طرف اسٽيبلشمينٽ کي سياست کان پري هٽائڻ بدران هر ڪو اسٽيبلشمينٽ جي حمايت جو طلبگار رهيو آهي ۽ اهو ئي سبب آهي ته اسان جي سياست جو سفر ۽ رياست جي دائري جو سفر آھي جيڪو رڪجڻ يا بدلڻ جو نالو ئي نٿو وٺي.
پاڪستان جي سياست جي باپ جماعت جون اهي سڀ سياسي پارٽيون ان وقت تائين محتاج رهنديون، جيستائين اسان جمهوريت جي روح موجب سياست نه ڪنداسين. جمهوريت ۽ آئين جي ڳالهه ڪندڙن کي رڳو اليڪشن ۽ اقتدار جي باري ۾ سوچڻ بدران جمهوريت جي اصل مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو.آئين ڪجهھ شقن تي پنھنجي سياسي مفادن جي لاءِ توجهھ جي بدران آئين تي مڪمل عمل ڪرڻ جو عزم ڪرڻو پوندو.
جمهوريت ۽ آئين جي نالي تي ڪنهن سياسي پارٽيءَ ۽ ڪنهن به حڪومت کي بادشاھت جو اختيار نٿو ملي.بلڪھ جمهوريت ۽ آئين تھ حڪومتن ۽ حڪمرانن تي اها ذميواري لاڳو ڪري ٿو ته هو عوام جي زندگين ۾ بهتري آڻين، کين بهترين تعليم فراهم ڪن. صحت ۽ ٻيون بنيادي سهولتون فراهم ڪن، روزگار ڏين، عورتن، ٻارن، اقليتن سميت سماج جي هر فرد جي حقن جي فراهمي کي يقيني بڻائين ۽ انهن جي حقن جو تحفظ ڪن.
هر سرڪاري ادارو عوام کي بھترين سروسز فراھم ڪرڻ جو پابند ھئڻ گھرجي.جائز ڪم رشوت ۽ سفارش تي ٻڌل نھ ھجي. جيڪو بدقسمتيءَ سان اسان جي ملڪ ۾ عام رواج ٿي ويو آهي،ڪيتريون حڪومتون آيون ۽ ويون،ڪيترا وڏا نعرا ھنيا ويا.پر عوام جي لاءِ خواري ئي رھي.ڪنھن بھ سرڪاري کاتي ۾ ھليا وڃو، سفارش کان سواءِ يا رشوت وٺڻ بنا جائز ڪم بھ نھ ٿيندو.
هي ملڪ اشرافياز ۽ مافياز لاءِ رھجي ويو آهي.هن ٻه نمبري جمهوريت جي ھٿان عوام تھ رکي ويو آھي.انهن لاءِ جمهوريت جو مطلب صرف چونڊون ۽ ووٽ وجھڻ آهي. هڪ ڀيرو ٻيهر ووٽ جو ڊرامو رچايو ويندو پر ڇا پاڪستان تبديل ٿيندو؟ مون کي ڪا گهڻي اميد ناهي. اسان سڀ ڪجهه تباهه ڪري ڇڏيو آھي.
گذريل ڏينهن عمران خان جو سينيئر وڪيل ٽاڪ شو ۾ ڳالهائيندي چيو پئي ته هن ملڪ ۾ جمهوريت صرف تڏهن ئي اچي سگهي ٿي جڏهن ووٽ کي عزت ڏني ويندي. سندس چوڻ جو مطلب ھو تھ جڏهن اسٽيبلشمينٽ ووٽ کي عزت ڏيندي تڏھن ئي معاملا درست ٿيندا.
مان هن سان جزوي طور تي متفق آهيان ڇو ته جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ کي هڪ طرف ووٽ جو احترام ڪرڻ گهرجي ته ٻئي طرف سياستدانن جيڪي ووٽ وٺي حڪومت ٺاهين ٿا. انھن کي به ووٽ جو احترام ڪرڻ گهرجي، يعني اهي ماڻهو جن کان ووٽن حاصل ڪرڻ وقت واعدا ڪيا ويندا آهن، انهن کي پورو ڪرڻ بھ تمام ضروري آهي ۽ اها ووٽن جي اھا عزت آھي جيڪا اسان جا سياستدان جيڪڏھن سمجهن ۽ ان تي عمل ڪن ته اسٽيبلشمينٽ به ووٽ کي عزت ڏيڻ تي مجبور ٿي ويندي. يعني جيڪڏهن سياستدان عوام جي بالادستي چاهين ٿا ته پوءِ انهن کي عوام جي ڀلائي ۽ خوشحالي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪرڻو پوندو. ان کان سواءِ ڪو به شارٽ ڪٽ نه آهي ۽ اسان سڀ ڪجهھ اھو بار بار ڏسي چڪا آهيون.
پاڪستان جي سياست جي باپ جماعت جون اهي سڀ سياسي پارٽيون ان وقت تائين محتاج رهنديون، جيستائين اسان جمهوريت جي روح موجب سياست نه ڪنداسين. جمهوريت ۽ آئين جي ڳالهه ڪندڙن کي رڳو اليڪشن ۽ اقتدار جي باري ۾ سوچڻ بدران جمهوريت جي اصل مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو.