ملڪ جي سياسي ماحول ۾ جيڪو ڪجھھ ڏسڻ ۾ اچي رھيو آھي ان سان اھو خطرو محسوس ٿي رھيو آھي تھ ايندڙ چونڊون ٿي وڃڻ باوجود جٽاداري ھڪ وڏو مسئلو ئي رھندو.ڇاڪاڻ جو ان باوجود جو مسلم ليگ ن جو قائد ميان نوازشريف اھو چاھي ٿو تھ ڪو کيس اسٽيبلشمينٽ جو حامي نھ سمجھي پر جيڪو ڪجھه بظاھر سامھون نظر اچي رھيو آھي ان مان اھو ئي اندازو ٿي رھيو آھي تھ ھن ڀيري پڻ اڳوڻي تجربي کي ورجايو پيو وڃي.سائنس موجب ساڳين اصولن تحت ڪيل تجربي جو نتيجو پڻ ساڳيو ئي اچڻو آھي.سو 2018ع واري تجربي کي وري دھرايو پيو وڃي تھ ان سان ڪھڙي ريت نتيجو مختلف ٿي سگھي ٿو.
پاڪستان ۾ گھڻو وقت غيرجمھوري حڪومتون رھيون آھن،ان ڪري جمھوري ماحول جي ان نموني اوسر نھ ٿي سگھي آھي. ان وچ ۾ جيڪو ٿورو گھڻو جمھوري يا سول حڪومتن جو تجربو ٿيو آھي ان مان بھ عام طور تي جمھوريت جي اصل صورت سامھون نھ اچي سگھي آھي.جنھن جو نتيجو اھو نڪتو آھي تھ اسان وٽ جمھوريت جي معنيٰ ئي بدلجي وئي آھي.
ويجھي ماضي ۾ جڏھن ملڪ جي اسٽيبلشمنيٽ ٻنھي جماعتن کي بري طرح ان سياست جي ميدان مان نيڪالي ڏئي ڇڏي ھئي تھ انھن ويھي ڪري پاڻ ۾ ھڪ چارٽر تي دسختط ڪيو ھو.جنھن ۾ اھو چٽو چيل ھو تھ ڪا بھ ڌر عسڪري فوج جي مدد سان جمھوري نظام کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش نھ ڪندي. اھو ئي اھڙو موڙ ھو جڏھن ملڪ جي طاقتور قوتن جمھوري رويي کي منھن ڏيڻ جي لاءِ ھاءَ برڊ سسٽم جي رٿ رٿي ھئي.جنھن بعد ئي ھنن پاڪستان تحريڪ انصاف تي ھٿ رکيو.ان کان ٿورو اڳ جڏھن پاڪستان تحريڪ انصاف جو اڳوڻ سياست جي ميدان ۾ لٿو ھو تھ ھن جي ڳالھين توڙي تقريرن مان ائين محسوس ٿي رھيو ھو تھ ھو شايد حقيقي معنيٰ ۾ ملڪ ۾ تبديلي جو خواھشمند آھي.ان ھوندي بھ ھن کي ڪا وڏي سياسي ڪاميابي حاصل نھ ٿي.سياست جي اصل رخ کي نظرانداز ڪندي جڏھن پاڪستان تحريڪ انصاف ملڪ جي اسٽيبلشمنيٽ جي ڪلھن تي چڙھي ڪري اقتداري ھٿ ڪرڻ لاءِ آتي بڻجي وئي تھ ان کي ملڪ جي جمھوري قوتن خلاف استعمال ڪيو ويو.جنھن ۾ ان جماعت ڪا ڪسر نھ ڇڏي.ان کانپوءِ 2018ع ۾ ٿيل عام چونڊون ۽ ان جو نتيجو سامھون اچڻ ۽ ان سان جڙندڙ حڪومت ۽ ان جو وري ڊھڻ ڪالھوڪي تاريخ آھي.
ھن وقت ھڪ ڀيرو ٻيھر 16 مھينن واري اتحادي حڪومت کان اڳ اسٽيبلشمنيٽ جي ھٿ ۾ کيڏندڙ جماعتن مان وري مسلم ليگ ن تي ھٿ رکيو ويو آھي اھو ئي سبب آھي جو بلوچستان جي اليٽيبلز جي ھڪ وڏي لاٽ کي مسلم ليگ ن پاڻ سان کنيو آھي. ان ريت جيڪي بھ سرگرميون ٿي رھيو آھي اھي جيڪڏھن ڪنھن جمھوري سسٽم ۾ ٿين تھ ان کي چونڊن کان اڳ واري ڌانڌلي قرار ڏنو وڃي، پر ھتي اھو سڀ ڪجھھ ان ڪري ممڪن آھي جو ھر ڌر اسٽيبلشمينٽ جي ڪلھن تي چڙھي ڪري حڪومت حاصل ڪرڻ جي خواھشمند آھي.جنھن تي ڪنھن بھ جمھوري جماعت کي اھو بھ احساس نھ پيو ٿئي تھ اھا ڪيترو قانون جي لتاڙ ڪري رھي آھي.
ملڪ ۾ محلاتي سازشن جو ڄار وڇايل آھي ان کي صرف جمھوري سسٽم سان ئي ناڪام بڻائي سگھجي ٿو.بدقسمتي سان ملڪ ۾ جمھوريت جي نالي ۾ سياست ڪندڙ ڌريون عوام جي ترجماني بدران اسٽيبلشمينٽ جي رضامندي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري عوام جي توھين ڪري رھيون آھن.ھن وقت ھڪ وڏي سياسي جماعت پاران جنھن طريقي سان ڪم ڪيو پيو وڃي ان سان باقي سياسي ڌرين کي اھا شڪايت آھي تھ ھر ڪنھن کي ھڪجيترو موقعو نھ پيو ملي اھو ئي سبب آھي جو سياست ۾ ڪنھن ھم آھنگي يا وري ويجھڙائپ پيدا ٿيڻ بدران ان سان اڳي ئي موجود ويڇا وڌي رھيا آھن جنھن ڪري اھو ڪئين ممڪن ھوندو تھ جيڪڏھن انڌي منڊي چونڊين بعد جيڪڏھن اقتدار مسلم لگ ن کي ڏنو ويو تھ ان سان ملڪ ۾ سياسي استحڪام پيدا ٿيندو يا وري ملڪ مان غير يقيني واري ڪيفيت ختم ٿي ويندي.
ياد رکڻ گھرجي تھ عالمي وبا ڪووڊ بعد سموري دنيا ۾ معاشي صورتحال ابتر ڏانھن وئي آھي، دنيا ۾ جاري جنگين سبب تيل جا اگھھ وڌيا آھن،گئس جي کوٽ پيدا ٿي آھي.جنھن ڪري عوام جي لاءِ مھانگائي وڏو مسئلو بڻجي آھي.جيڪڏھن ھن ڀيري ملڪ جي عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ ڏانھن ڌيان نھ ڏنو ويو تھ شايد عام ماڻھون جي اندر دکندڙ چڻنگ ٻري پئي، جنھن کي بعد ۾ ڪا بھ ڌر ڪيش ڪرائي سگھندي.ان سان ھڪ ڀيرو وري ملڪ ان ئي پوائنٽ تي اچي ويندو جتي ڪجهھ مھينا اڳ ھو.ملڪ ۾ آئيني بحران جاري آھي، سياسي تڪرار پيدا ٿي ويا آھن معاشي معاملو حل ٿيندو نظر نھ پيو اچي، اھڙين حالتن ۾ ڪا بھ دنيا جي طاقت اچي ڪري ملڪ جي وھنوار کي بھتر نھ ڪري سگھندي.ان سان وڌيڪ معاملا خراب ٿيڻ جو خطرو موجود آھي.
ملڪ کي بحران مان ٻاھر ڪرڻ جو ھن وقت ھڪ ئي فارمولو آھي تھ سمورين سياسي جماعتن کي گڏجي ڪري پاڻ ۾ اھو فيصلو ڪرڻو آھي تھ اھي ملڪ کي ڪئين بھتر طرف آڻيندا ؟
جيڪڏھن ھڪ جماعت ٻئي کي لتاڙي اڳيان وڌندي ۽ان سان ھو اقتدار حاصل ڪري ڪو ڪمال ڪري وجھندي تھ اھو ڏينھن جو ڪو خواب تھ ٿي سگھي ٿو پر اھڙو خيال يا خواب حقيقت کان گھڻو پري ھوندو.اھو سڀ ھن وقت ڀلي سمجهھ ۾ نھ ايندو ھجي پر اھا اھڙي حقيقت آھي جنھن کي رڳو خواھشن جي آڌاري تي رد ڪرڻ ممڪن نھ آھي.
پاڪستان جي اسٽيبلشمنيٽ کي بھ ھن اھم معاملي ڏانھن ٿڌي دل ۽دماغ سان سوچڻ گھرجي. بنا ڪنھن حڪمت عملي جي ساڳيو اصول لاڳو ڪرڻ سان ڪنھن بھ ريت ان جونتيجو مختلف نھ نڪرندو.
ھاڻي سڀني کان وڌيڪ اھم سوال ھي آھي تھ ڇا ھن وقت جي سياسي حڪمت عملي موجب ايندڙ حڪومت ملڪ ۾ سياسي غير يقيني ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي سگھندي يا وري اھا ملڪ ۾ جٽاءُ پيدا ڪري سگھندي ؟