سڄي دنيا ۾ هر سال لکين عورتون ڇاتيءَ جي ڪينسر سبب موت جي منهن ۾ هليون وينديون آهن.
اهو عورتن ۾ سڀ کان عام قسم جو ڪينسر آهي ۽ هاڻ ان جو خطرو وڌائيندڙ هڪ اهم ڪارڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ۽ اهو آهي خوراڪ ذريعي جسم ۾ خطرناڪ ڪيميڪلز جو داخل ٿيڻ.
فرنٽيئرز ان ٽوڪسيڪولوجي جرنل ۾ ڇپيل هڪ نئين تحقيق ۾ ان ڳالهه کي واضح ڪيو ويو ته امڪاني طور تي ڇاتي جي ڪينسر جو سبب بڻجندڙ 189 ڪيميڪلز يا ڪارسنوجنز گهڻي ڀاڱي فوڊ ڪانٽيڪ مٽيريل (ايف سي ايم) ۾ هوندا آهن، جن جو استعمال فوڊ پيڪيجنگ ۾ ٿيندو آهي.
فوڊ ڪانٽيڪ مٽيريل ڇا آهي؟
فوڊ ڪانٽيڪ مٽيريل (ايف سي ايم) اهڙا مادا ۽ شيون هونديون آهن، جيڪي فوڊ جي پيداواري پروسيسنگ، پيڪيجنگ، اسٽوريج ۽ استعمال دوران سڌي ريت يا واسطي سان استعمال ۾ ايندا آهن.
محققن کاڌي جي پيڪيجنگ ۾ موجود 40 ڪيميڪلز کي خطرناڪ قرار ڏنو آهي ۽ انهن ۾ امڪاني طور ڪينسر پيدا ڪندڙ خاصيتون ڏٺيون ويون آهن.
ان کانسواءِ تحقيق ۾ اهو دريافت ڪيو ويو ته ماڻهو ڪينسر جو سبب بڻجندڙ 76 ڪيميڪلز کي پنهنجي خوراڪ سان جسم ۾ شامل ڪري رهيا آهن.
تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته 40 سالن کان گهٽ عمر جي عورتن ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي، جڏهن ته ان کان وڏي عمر جون عورتون به ان مرض ۾ مبتلا آهن ۽ وڏي انگ ۾ عورتون فوت ٿي وڃن ٿيون.
You might also like