واٽس ايپ ۾ ٺڳن کان بچڻ لاءِ نئون فيچر متعارف، استعمال ڪيئن ڪجي؟

ميٽا، واٽس ايپ، ميسينجر، فيسبڪ ۽ انسٽاگرام واهپيدارن لاءِ اينٽي اسڪيم پروگرام متعارف ڪرايا آهن، پروگرام جو مقصد صارفين کي آن لائين فراڊ جو نشانو بڻجڻ کان بچائڻ آهي.
ڪمپني موجب، ان مقصد لاءِ واٽس ايپ ۾ اسڪرين شيئرنگ وارننگز جڏهن ته ميسينجر ۾ اسڪيم پيغام ڊيٽيڪشن جهڙا نوان فيچرز شامل ڪيا ويا آهن.
ميٽا جو چوڻ آهي ته نوَن فيچرز جو مقصد واهپيدارن کي حساس تفصيل شيئر ڪرڻ سبب ٿيندڙ ٺڳيءَ کان تحفظ مهيا ڪرڻ آهي.
واٽس ايپ ۾ جڏهن ڪو واهپيدار ڪنهن اڻڄاتل ڪالر سان اسڪرين شيئر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته ڏانهنس الرٽ موڪليو ويندو.
واضح رهي ته واٽس ايپ ۾ اِهو طريقو مالي تفصيل ۽ او ٽي پي وغيره حاصل ڪرڻ لاءِ گهڻو استعمال ٿيندو رهيو آهي.
ميسينجر ۾ نوَن رابطن سان ٿيندڙ چيٽس تي اي آءِ ٽيڪنالوجي تي ٻڌل اسڪيم ڊيٽيڪشن فيچر ڪم ڪندو.
جيڪڏهن سسٽم کي ڪو خطرو محسوس ٿيو ته اهو واهپيدار کي ان بابت رهنمائي فراهم ڪندو.
ياد رهي ته 2025 جي شروعاتي ڇهه ماهي دوران ميٽا طرفان مختلف ملڪن ۾ اسڪيم سينٽرن سان واڳيل 80 لک اڪائونٽس ڊليٽ ڪيا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.