اسلام آباد هاءِ ڪورٽ رولو ڪتا مارڻ تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ رولو ڪتن کي مارڻ تي لاڳاپيل ادارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ رولو ڪتن جي خاتمي ۽ نسل ڪشي خلاف ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، عدالت حڪم ڏنو ته رولو ڪتن کي مارڻ جون شاهديون ملڻ تي لاڳاپيل ذميوارن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي.
عدالت سي ڊي اي کي رولو ڪتن جي ويڪسينيشن جي هدايت ڪندي سي ڊي اي جي ڊائريڪٽر ميونسپل ايڊمنسٽريشن کي رولو ڪتا مارڻ تي وضاحت لاءِ ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.
لکت حڪم نامي موجب درخواستگذار وڪيل چيو ته اختيارين جي عدالت ۾ ڏنل بيان موجب ڪتن کي پڪڙن ۽ ويڪسينيشن تي 19 هزار رپيا خرچ ڪيو پيو وڃي پر بيان جي ابتڙ تصويرن مان ثابت ٿئي ٿو ته ڪتن کي ماريو ويو، ماريل ڪتا سي ڊي اي جي ملڪيتي ٽرڪ ۾ ڏٺا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.