ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ بخار جي ڪيسن ۾ واڌ کي ڏسندي ڊينگي، مليريا ۽ سي بي سي ٽيسٽ جا اگهه گهٽايا ويا.
سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن ڊينگي ۽ مليريا جي وڌندڙ ڪيسن کي ڏسندي ٽيسٽن جي فيسن ۾ واضح لاٿ ڪري ڇڏي.
نئين ريٽ لسٽ 21 آڪٽوبر کان 31 ڊسمبر تائين لاڳو رهندي.
ڪميشن موجب ان قدم جو مقصد مريضن کي رليف فراهم ڪرڻ آهي.
مليريا ٽيسٽ جي قيمت 3050 مان گهٽائي 600 رپيا ڪئي وئي آهي، ڊينگي NS1 ٽيسٽ جي فيس 4550 رپين مان گهٽائي 1100 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.
ڊينگي IgM ٽيسٽ جي قيمت 1500 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي، سي بي سي ٽيسٽ جي فيس 1250 رپين مان گهٽائي 500 رپيا ڪئي وئي آهي.
You might also like