ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ هوٽل مالڪ گراهڪ نوجوان کي ڦورو سمجهي گولي هڻي ماري ڇڏيو.
ڪراچي جي علائقي ڪلاڪوٽ ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي هوٽل مالڪ گراهڪ کي ڦورو سمجهي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان محمد مصطفيٰ مارجي ويو.
پوليس موجب محمد مصطفيٰ پنهنجي دوست سان گڏ هوٽل ڏانهن وڃي رهيو هو، هو چانهه پيئڻ لاءِ هوٽل ۾ داخل ٿيو ته هوٽل مالڪ ثناءُ الله کيس ڦورو سمجهي فائرنگ ڪئي، زخمي نوجوان کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو پر هن علاج دوران دم ڏئي ڇڏيو.
پوليس هوٽل مالڪ کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو.
You might also like