”تاج محل جو ڊي اين اي ڪرايو“، فلم ” تاج اسٽوري“ ۽ 22 ڳجها دروازا

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست اتر پرديش جي شهر آگرا ۾ موجود دنيا جي ستين عجوبي تاج محل جو هڪ گائيڊ تاريخي محل تي ئي ڪيس داخل ڪري ٿرٿلو مچائي ڇڏيو ٿو.
اِها ڪهاڻي ڀارتي فلم ”دي تاج اسٽوري“ جي آهي، جنهن جو ٽريلر گذريل هفتي جاري ڪيو ويو، جڏهن ته فلم 31 آڪٽوبر کان سئنما گهرن ۾ رليز ڪئي ويندي.
فلم ڀارت جي سڀ کان مشهور تاريخي عمارت ۽ مغل دور جي فِن تعمير جي شاهڪار تاج محل تي آڌاريل آهي.
فلم ۾ اداڪار پاريش راول مُک ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جيڪو آگرا ۾ هڪ گائيڊ جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
فلم هڪ ڪورٽ روم ڊرامو آهي، جنهن ۾ هو اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته تاج محل مقبرو نه پر هندو مندر آهي.
دلچسپ ڳالهه اِها آهي ته فلم جي ٽريلر ۾ هن ڪهاڻي کي ”حقيقي واقعن کان متاثر “ قرار ڏنو ويو آهي.
واضح رهي ته تاج محل کي مندر قرار ڏيڻ جو دعويٰ نئين ناهي، پر پهريون ڀيرو ان موضوع تي فلم ٺاهي وئي آهي.
فلم جي ٽريلر ۾ پاريش راول هڪ هنڌ ماڻهن کي مخاطب ڪندي چوي ٿو ”دنيا ۾ اهڙو ڪو مقبرو ڏٺو اٿوَ، جنهن جي مٿان گنبذ ۽ گنبذ جي مٿان ڪلش (تختي يا چنڊ تارا وغيره) هجن؟ تاج محل جو ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرايو.“
سوشل ميڊيا تي جتي فلم تي تاريخي حقيقتن کي بگاڙڻ جا الزام لڳايا پيا وڃن، اتي ڀارت ۾ هڪ طبقو ان جي حمايت پڻ ڪري رهيو آهي.
دليپ ڪمار سنگھه نالي واهپيدار لکيو ته ”سچي تاريخ ٻڌائڻ وارو عمل شروع ٿي چڪو آهي… هر فريم هڪ سوال پيدا ڪري ٿو، هر سچ هڪ گهرو گهاءُ ڏئي ٿو. فلم هڪ راز تان پردو هٽائڻ واري آهي.“
پر ديب نالي صارف فلم کي هڪ ”شرمناڪ پروپيگيندا“ قرار ڏنو.
فلم جي ٽريلر کانپوءِ پيدا ٿيل تڪرار بابت پروڊڪشن ڪمپني وضاحت ڪندي چيو آهي ته ”فلم ’دي تاج اسٽوري‘ جو ڪنهن به مذهبي معاملي سان ڪو واسطو ناهي ۽ نه ئي ان ۾ اهڙي دعويٰ ڪئي وئي آهي ته تاج محل جي اندر ڪو شِو مندر موجود آهي.“
ڪمپني موجب، ” فلم ۾ سڄو ڌيان تاريخي حقيقتن کتل آهي، اسان اپيل ڪيون ٿا ته فلم ڏسو ۽ پوءِ پنهنجي راءِ ڏيو.“
فلم جي ٽريلر ۾ تاج محل جي هيٺان بند پيل ”22 ڳجها ڪمرا“ پڻ ڏيکاريا ويا آهن، ۽ ڄاڻايو ويو آهي ته تاريخي حقيقتون لڪائي رکيون ويون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.