مردان (م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سڀني کي نظر اچي رهيو آهي ايندڙ چونڊون پ پ کٽيندي، پر جيڪڏهن هڪ ڀيرو وري سليڪشن ٿي ته ملڪ کي وڌيڪ نقصان پهچندو، عوام سليڪٽڊ راڄ قبول نه ڪندو. مردان ۾ پ پ جي ورڪرز ڪنوشن کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان جي سڀ کان وڏي دشمن پراڻي سياست آهي، پراڻن سياستدانن وٽ عوامي مسئلن جو ڪو حل ناهي، پراڻا سياستدان مسئلن ۾ ڦاٿل آهن، اسان نئين سياست ذريعي مسئلن جو حل ڪڍنداسين. بلاول چيو ته سياست ۾ هڪ ٻئي جو ڄنگهون ڪڍيون پيون وڃن پر اسان جو مقابلو ڪنهن سياسي جماعت سان نه مهانگائي سان آهي. هن خبردار ڪيو ته سڀني کي نظر اچي رهيو آهي ته اليڪشن پ پ کٽيندي پر جيڪڏهن هڪ ڀيرو وري سليڪشن ٿي ته ملڪ کي وڌيڪ نقصان پهچندو، عوام سليڪٽڊ راڄ قبول نه ڪندو، صرف عوام کي اِهو حق حاصل آهي ته هو فيصلو ڪري ته سندن حڪمران ڪير هوندو. بلاول چيو ته پاڪستان جي سڀ کان وڏي دشمن 70 سالن کان جاري پراڻي سياست آهي، پراڻا سياستدان اڃا ماضيءَ ۾ ڦاٿل آهن، هاڻي نئين سياست جي شروعات ڪرڻي آهي. پراڻا سياستدان هڪ ڀيرو ٻيهر اليڪٽيبلز جي ڳولا ۾ آهن، مهانگائي ليگ ۾ شامل ٿيندڙ ماڻهو اليڪٽيبلز نه رهندا. پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته عوامي راڄ قائم ڪرڻ لاءِ اليڪشن ۾ پيپلزپارٽي کي ڪامياب ڪرائڻو پوندو، مسئلن جي حل لاءِ پپ کي اليڪشن کٽرائڻي پوندي ڇو ته مهانگائي ۽ بيروزگاري جو حل رڳو پ پ وٽ آهي، ملڪ جي حالتن جي سڀني کي خبر آهي، اسان گڏجي ملڪ کي مسئلن مان ڪڍنداسين.