اسلام آباد(م ڊ) ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان لاءِ 25 ڪروڙ ڊالرز قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي، بئنڪ پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته قرض جي اها رقم پاڪستان ۾ بجلي جي رسد جو نظام بهتر ڪرڻ لاءِ ڪتب آندي ويندي، اُن سان پنجاب ۽ ڪي پي ۾ بجلي جي رسد جو نظام بهتر بڻايو ويندو. منصوبن سان هاءِ وولٽيج ٽرانسميشن نيٽ ورڪ کي وڌايو ويندو، اُن سان نيشنل گرڊ جي صلاحيت وڌائڻ ۾ به مدد ملندي.