ايمرجنسي ڪهڙي قانون تحت لاڳو ٿي ۽ وفاقي حڪومت کي هاڻي خيبرپختونخوا بابت ڪهڙا خاص اختيار حاصل هوندا؟

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري جي منظوري کانپوءِ پاڪستان جي صوبي خيبرپختونخوا ۾ ترت ايمرجنسي لاڳو ٿي چڪي آهي.
آچر (11 آڪٽوبر) جي منجهند پاڪستان جي وفاقي ڪابينا جي هنگامي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف کي ڪابينا طرفان تجويز ڏني وئي هئي ته هو صدر کي صلاح ڏين ته ”حالتن جي سنگينيءَ کي نظر ۾ رکندي صدر پنهنجو آئيني اختيار استعمال ڪندي خيبرپختونخوا ۾ آئين پاڪستان جي آرٽيڪل 232 ۽ 234 تحت ايمرجنسي لاڳو ڪري.“
وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ان حوالي سان هڪ ايڊوائيس صدر آصف علي زرداري ڏانهن موڪلي وئي، جنهن جي هن منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
ايمرجنسي لاڳو ٿيڻ کانپوءِ وفاقي حڪومت صوبي جو انتظام پاڻ سنڀالي سگهي ٿي يا صوبي جي گورنر کي هدايت ڏئي سگهي ٿي ته هو وفاقي حڪومت طرفان صوبائي حڪومت جا سمورا يا چونڊيل معاملا سنڀالي.

You might also like