خيبرپختونخوا ۾ ايمرجنسي، ايڇ آر سي پي جي وفاقي حڪومت کي تنبيهه

اسلام آباد ) ويب ڊيسڪ) هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان (ايڇ آر سي پي) چيو آهي ته وفاقي حڪومت طرفان خيبرپختونخوا ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ سان سياسي ڇڪتاڻ وڌيڪ وڌڻ ۽ جمهوري عمل ڪمزور ٿيڻ جو خطرو آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ ايڇ آر سي پي وفاقي حڪومت ۽ پارليامينٽ کي خبردار ڪيو آهي ته خيبرپختونخوا ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ يا گورنر راڄ قائم ڪرڻ سان سياسي ڇڪتاڻ ۾ وڌيڪ واڌ ۽ جمهوري عمل جي ڪمزور ٿيڻ جو خدشو آهي.
ايڇ آر سي پي وفاقي حڪومت ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) تي زور ڏنو آهي ته اهي فوري طور نتيجا ڏيندڙ سياسي ڳالهيون ٻيهر شروع ڪن ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته ڪنهن به بهاني سان شهرين جا بنيادي حق معطل نه ڪيا وڃن.

You might also like