فلسطين جو قصو

تحرير: سجاد کوسو

فلسطين جيڪو اڄ ظلم جي انتها هيٺ آهي،  فلسطين جي ڪهاڻي قديم آهي، 637 هجري ۾ بيت المقدس جي فتح کان پوءِ حضرت عمر بن الخطاب رضي الله عنه يهودين کي بيت المقدس ۾ اچڻ جي اجازت ڏني، جڏهن ته ان کان اڳ عيسائين مٿن پابندي لڳائي ڇڏي هئي. عيسائين، يهودين جي سخت نفرت سبب ان پٿر کي ڍڪي ڇڏيو، جنهن تي ”ڊوم آف راڪ“ ٺهيل آهي، جنهن تي ڪچري جا ڍير لڳل هئا، ڇاڪاڻ ته يهودي ان کي مقدس سمجهن ٿا، هن پٿر جي چوٽيءَ کي اميرالمومنين عمر رضي الله عنه پنهنجي هٿن سان صاف ڪيو. مسلمانن ۾ ان جي اهميت اها آهي ته رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جن جي معراج جي رات ان پٿر مان حضور پاڪ آسماني سفر تي ويا.

پوءِ جڏهن به صليبي جنگن کان پوءِ عيسائين يروشلم تي قبضو ڪيو ته انهن مسلمانن ۽ يهودين جو قتل عام ٿيو، سلطان صلاح الدين ايوبي جي بيت المقدس کي فتح ڪرڻ کان پوءِ ۽ سلطنت عثمانيه جي دور ۾ هڪ ڊگهي عرصي تائين يهودي تمام ٿورڙي تعداد ۾ رهيا، پر عيسائين جي زندگي ظلم ۽ ذلت جي زندگي گذارڻ کان بهتر هئي. يورپ ۽ روس ۾ ويهين صديءَ ۾ يهودين جي خلاف سخت نفرت ۽ ظلم عيسائين لاءِ ٻيهر ظلم شروع ٿيو. انهن حالتن ۾ يهودين عيسائين جي ظلمن کان تنگ اچي لڏپلاڻ ڪئي، لکين يهودي جرمني، اوڀر يورپ ۽ روس مان بي گهر ٿيا، انهن مان هڪ وڏو تعداد آمريڪا، برطانيا  ۽ ڪجهه فلسطين ڏانهن ويو، تڏهن يھودين لاءِ پنهنجو ڪوئي ملڪ نه هيو، ان دور ۾ (Zihonism) جي تحريڪ جنم ورتو.

هن تحريڪ جو مقصد يهودين لاءِ پنهنجو ملڪ قائم ڪرڻ هو ۽ ان لاءِ هنن فلسطين کي چونڊيو، انهيءَ تحريڪ يورپ، آمريڪا ۽ فلسطين ۾ وڏو زور ورتو ۽ يهودي وڏي انگ ۾ فلسطين ۾ آباد ٿيڻ لڳا ۽ هتي زمينون ڊبل رقم ۾ خريد ڪرڻ لڳا، اهو دور عثماني سلطنت جو آخري دور هو، پهرين مهاڀاري لڙائي (1914-1918ع) ۾ عثماني سلطنت جرمنيءَ جو ساٿ ڏنو ۽ جرمنيءَ جي شڪست تي برطانيا  سلطنت عثمانيه جي حدن کي ورهائي ڇڏيو ۽ مختلف علائقا مختلف يورپي طاقتن جي قبضي ۾ اچي ويا. برطانيا  فلسطين تي قبضو ڪيو. 1917ع ۾ برطانوي پرڏيهي وزير ظاهر  ڪيو، جنهن کي بالفور ڊڪليئريشن چيو وڃي ٿو. هن چيو ته برطانيا  فلسطين ۾ هڪ آزاد يهودي رياست قائم ڪرڻ ۾ مدد ڪندو. برطانيا  کين اتي آباد ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. جڏهن فلسطين جي عرب مسلمانن ۾ يهودين جي خلاف سخت رد عمل شروع ٿيو ۽ ٻنهي ۾ سخت جهيڙا شروع ٿيا ته برطانيا  فلسطين ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اقوام متحده کي علائقي جي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ لاءِ چيو.

1947ع ۾ گڏيل قومن فيصلو ڪيو ته فلسطين کي ٻن رياستن ۾ ورهايو وڃي:l اولهھ واري علائقي ۾ اسرائيل جي رياست قائم ڪئي وڃي، جتي يهودين جي اڪثريت رهي ٿي، ۽ اوڀر واري علائقي ۾ فلسطيني عرب مسلم رياست قائم ڪئي وڃي، جڏهن ته يروشلم گڏيل قومن جي قبضي ۾ رهيو، يهودين اهو فارمولو قبول ڪيو جڏهن ته فلسطيني مسلمانن ۽ عرب ملڪن پنهنجي وچ ۾ يهودي رياست جي قيام کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو، جڏهن يهودين 1948ع تي اسرائيل جي قيام جو اعلان ڪيو ته اسرائيل ۽ عرب ملڪن وچ ۾ جنگيون شروع ٿي ويون، اهي جنگيون 1967ع تائين جاري رهيون

جنگ جي شروعات ۾، اسرائيل اولهه يروشلم ۽ فلسطين جي ڪجهه ٻين علائقن تي قبضو ڪيو، مصر، شام، لبنان ۽ اردن باقي فلسطين جي مختلف علائقن تي قبضو ڪري ورتو. مقدس هنڌن جو قبضو تاريخ ۾ پهريون ڀيرو يھودين جي قبضي ۾ آيو. تڏهن کان فلسطين جي اڄ وارو غزا واري علائقي ۾ هڪ حماس نالي تنظيم آهي ۽ اسرائيل جي اوڀر واري علائقي ويسٽ بئنڪ ۾ تنظيم حزب الله  هڪ آرمي جي حيثيت ۾ اسرائيل کي تسليم نه ڪيو آهي ۽ ڪافي جنگيون ڪيون،  ۽ اسرائيل تن کي دهشتگرد قرار ڏنو آهي، جنهن جي آڙ ۾ اسرائيل عام عوام کي نشانو بڻائي رهيو آهي. اسرائيل جو ”گريٽر اسرائيل“ ٺاهڻ مان مراد اڄ وارو فلسطين سان گڏ اسرائيل، لبنان، شام، اردن جھڙن ملڪن جي علائقائي جو قبضو ڪرڻ  ۽ هڪ وڏي ايراضي وارو اسرائيل ٺاهڻ آهي، جيڪو پوري عرب ملڪن مٿان حڪمراني ۽ رعب ڄمائڻ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.