¨ جيئن ئي 8 فيبروري 2024ع تي چونڊن جو اعلان ٿيو آهي ته اُهي اقتداري جماعتون جيڪي ڪجهه مهينا اڳ ئي 16 مهينن واري اتحادي حڪومت ۾ شامل هيون سي هڪٻئي جي خلاف هاڻي زهر اوڳاڇي رهيون آهن.
¨ اسٽيبلشمينٽ طرفان جڏهن کان مسلم ليگ ن کي ايندڙ حڪومت جو گرين سگنل ۽ سازگار مليو آهي تڏهن کان پ پ سندس خلاف سخت بيان بازي جو سلسلو شروع ڪري ڏنو آهي ۽ ليول پليئنگ فيلڊ جو برابري جي بنياد تي مطالبو ڪرڻ لڳي آهي.
¨ ان کان اڳ مولانا فضل الرحمان جيئن ئي پي ڊي ايم جي حڪومت ختم ٿي ته بيان ڏنو هيائين ته اسان کي 16 مهينن جي حڪومت قبول ئي نه ڪرڻ گهرجي هان، چونڊن ۾ وڃڻ گهرجي هان پر پ پ جي چوڻ تي اها غلطي ڪري وڌي سين.
¨ بلاول ڀٽو زرداري به عوامي جلسن ۾ مسلم ليگ ن کي گهٽ وڌ ڳالهائي رهيو آهي، انکي ”مهانگائي ليگ“ جا طعنا ڏئي رهيو آهي. نواز شريف لاءِ چوندو ٿو وتي ته پوڙهن کي هاڻي ووٽ نه ڏيو نوجوانن کي اڳتي آڻيو، ان جي جواب ۾ ظاهر آهي ته مسلم ليگ ن به سخت جوابي ردعمل ڏئي رهي آهي.
¨ ان کان اڳ ڪراچي جي ميئرشپ واري چونڊ تي پ پ ۽ جماعت اسلامي جي اڳواڻن جيڪا نفرتن جي بياني باهه ٻاري هئي سا اڃان ٻري رهي هئي ته ڪالهه وري پ پ جي سعيد غنيءَ ايم ڪيو ايم خلاف انتهائي زهريلي ٻولي ڳالهائي آهي ته ايم ڪيو ايم مرده گهوڙو ٿي وئي آهي، مسلم ليگ ن کي اتحاد لاءِ منٿون ڪري رهي آهي، الطاف حسين کان ووٽن جي خيرات گهري رهي آهي وغيره وغيره. جنهن جي جواب ۾ ايم ڪيو ايم به پ پ خلاف گهٽ وڌ ڳالهائڻ شروع ڪيو آهي.
¨ ان حوالي ۾ اهو به ذهن ۾رکڻ گهرجي ته سياسي جماعتن جي اها بيان بازي ۽ نفرت واري ٻولي رڳو ايستائين محدود نه رهندي پر اها نفرت سندن ورڪرن ۽ ووٽرن ڏانهن به منتقل ٿيندي جنهن سان چونڊن جي وقت جهيڙن فسادن جو گهڻو خطرو آهي.
¨ سو ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هڪٻئي جي خلاف نفرت جوڳي بيان بازي ڪرڻ، هڪٻئي تي الزام لڳائڻ ۽ ڪارڪنن توڙي ووٽرن ۾ نفرتون پکيڙڻ کان بهتر آهي ته هر پارٽي پنهنجو پنهنجو منشور عوام آڏو پيش ڪري ۽ ان بنياد تي ووٽ حاصل ڪرڻ جي مهم هلائي.
¨ پر ڏسجي ته نئين حالتن پٽاندڙ نئون منشور ٺاهڻ جي تڪليف ڪا به پارٽي نٿي ڪري نه ئي ”مهانگائي“ گهٽائڻ جو ڪا جماعت ڪو پروگرام ڏئي رهي آهي. نه ئي ڪا جماعت آءِ ايم ايف سان ايندڙ حڪومت ۾ معاهدو نه ڪرڻ جي ڪا هام هڻي رهي آهي.
¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته هن وقت عوام جو سڀ کان وڏو مسئلو مهانگائي جو آهي، جيڪا جماعت مهانگائي گهٽائڻ جو پروگرام ڏيندي سا ئي چونڊن ۾ سرخرو ٿيندي پر سياسي جماعتن جو ان پاسي نه ڪو ڌيان آهي ۽ نه ئي ڪو پروگرام آهي.