ڪجهه ڏينهن اڳ انگريزي روزاني ڊان جو سنڊي ايڊيشن پڙهندي معلوم ٿيو ته اردو ۾ افغان جهاد سان جڙيل معاملن تي تازو ئي هڪ ڪتاب لکيو ويو آهي ”جنگنامه“ ان ڪتاب جو عنوان آهي ۽ اهو اسان جي دوست سيد فخر ڪاڪاخيل لکيو آهي.
سيد فخرڪاڪا خيل ”آج“ ٽي وي جو بيورو چيف رهيو آهي. ان چينل لاءِ شو ڪرڻ دوران مون کي 2008ع کان 2010ع تائين ڪيترائي ڀيرا پشاور کان سوات وڃڻو پيو ھو. فيلڊ ۾ وڃڻ کان اڳ مون کي ڪئين ڪلاڪ اڪيلائي ۾ ڪاڪاخيال سان گڏ ويھي دهشتگرديءَ جي سببن ۽ انھن جي نمايان ڪردران جي باري ۾ تفصلي ڳالھه ٻولھه ڪرڻ جي گھرج ھوندي ھئي.بيورو چيف جون ذميواريون نڀائڻ دوران به هو وڏي خلوص ۽ حوصلي سان منهنجي لاءِ هڪ انڌي جي لٺ ثابت ٿيو.ڪاڪا خيل ”جنگ نامھ“ بلڪل سادي اردو ۾ لکيو آھي. بنيادي طور تي اهو هڪ رپورٽر جي تجربن ۽ مشاهدن کي تحقيقي مقالي جي صورت ۾ بلڪھ هڪ داستان گوئي جي انداز ۾ بيان ڪري ٿو.
باجوڙ جي ھڪ مدرسي ۾ 30 آگسٽ 1991ع واري ڏينھن هڪ قتل سان داستان جي شروعات ٿئي ٿي.جيڪو صاحب ھڪ عرب دهشتگردن هٿان مارجي ويل شخص شيخ جميل الرحمان جي نالي سان مشھور هو. سندس اصل نالو مولوي محمد حسن هو. ابتدا ۾ افغانستان جي صوبي ڪنڙ مان تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ سوات، چارسده ۽ راولپنڊي جي مختلف مدرسن ۾ ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان ايندو رھيو . وقت گذرڻ سان گڏوگڏ شيخ صاحب،گل بدين حڪمتيار جي ”حزب اسلامي“ جي سرگرم ترين ميمبرن مان هڪ ٿي ويو.
1990ع واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ شيخ جميل الرحمٰن جو ھڪ مصري دھشتگرد جي ھٿان ٿيل قتل، دراصل ان ڳالهه جو اشارو هو ته اسلامي نظام جي نالي تي منظم ٿيل جماعتن ۾ ”نظرياتي اختلافن“جي شروعات ٿي چڪي آھي. انهن مان هڪ ڌر مقامي يا وطني تناظر ۾ پاڻ وٽ اسلام جو مڪمل نفاذ جي خواھشمند ھئي. ٻي ڌر جي نظر ۾ سموري عالم کي ھڪ ايڪائي قبول ڪندي ان کي ”خلافت“ جي ماتحت هڪ يونٽ جي حيثيت ۾ ھلائڻ ھو.
بدقسمتيءَ سان افغان جهاد ۽ ان جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ شديد ترين مذهبي انتهاپسندي کي پاڪستاني ۽ عالمي صحافين رڳو ”دهشتگردي“ جي تناظر ۾ ڏٺو ۽ رپورٽ ڪيو. دهشتگرديءَ تي ڀڙڪائيندڙ سمورين تحريڪن کي بنيادي طور تي هڪ جهڙو سمجهيو ويو. ”جهادي تنظيمن“ جي وچ ۾ نظرياتي طور ٿيل ورهاڱي کي اسان وقت سر ڄاڻون ها ته پوءِ شايد ”داعش“ جهڙين تنظيمن جو ظهور اسان کي حيران نه ڪري ها. پاڪستان جي اردو ۽ انگريزي اخبارن افغان جھاد دوران سون جي تعداد ۾ مختلف عرب ملڪن مان پاڪستان اچي متحرڪ ”جهادين“ کي به نظرانداز ڪري ڇڏيو.
ان سلسلي ۾ اردو صحافت ۾ حامد مير ۽ انگريزي صحافت ۾ مرحوم رحيم الله يوسفزئي وقت بوقت چند ڪردارن جو ذڪر ڪندا رهيا. ان کان سواءِ ڪنهن به نامور صحافي ان طرف ڌيان نه ڏنو. عرب ملڪن مان ”جهاد“ لاءِ آيل نوجوانن جي باري ۾ ڀرپور ڌيان سان رپورٽنگ ڪئي وڃي ها ته اسان کي آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي ها ته ”خراسان“ خلافت جا سخت حامي انھن جي ذهن ۾ ڪهڙا خيال اڀاري رهيا آهن. اتان کان ”لشڪر خراسان“ جي اچڻ جي اميد ڇو ڪئي وڃي ٿي؟ ان لشڪر جو جھنڊو ڪارو ڇو آھي ۽ آخرڪار ان لشڪر کي خراسان مان شام پھچڻ بعد ھن کي ڪھڙو فرض انجام ڏيڻو آھي.
”خراسان“ رڳو ھڪ زميني علائقي جو نالو نه آهي. اسلامي تجديد پسندي جي بنياد پرست ۽ پرتشدد حامين لاءِ، اها امڪانن سان ڀرپور علامت پڻ آهي، جيڪا انتهاپسندي جي انتهائي اڳڀرائي کي نه رڳو مذهبي طور تي جائز بڻائي ٿي، پر واجب پڻ قرار ڏئي ٿي. ڪاڪا خيل جي مهرباني سان اسان کي خبر پئجي سگھي ٿي ته عراق تي آمريڪا جي حملي کان پوءِ صدام حسين جي تيار ڪيل فوج جي ڪيترن ئي آفيسرن ۽ سپاهين کي زرقاوي نالي هڪ شخص منظم ڪيو ھو. اهو .ان ”مجاهد“ جو تعلق اردن سان ھو. اھو بھ افغان جهاد دوران پاڪستان آيو هو. ان کان سواءِ مصر مان آيل ايمن الظواهري جو ڪردار به ”جنگ نامھ“ ۾ گھڻي تفصيل سان بيان ڪيو ويو آهي.
فخر ڪاخيل جو ڪتاب هر ان شخص کي پڙهڻ گهرجي، جيڪو سنجيدگيءَ سان سوچي ٿو ته افغانستان ۾ طالبان جي واپسي کان پوءِ ”جهاد“ ختم نه ٿيو آهي. اها واپسي پاڪستان سميت دنيا جي ڪيترن ئي مسلمان ملڪن جي نوجوانن کي ”اسلامي غلبي“ جي جدوجهد لاءِ ڀڙڪائيندي ۽ اها جدوجهد اسان جي خطي کي ايندڙ ڪيترن سالن تائين عدم استحڪام جو شڪار رکندي.