سنڌ جي زراعت هڪ وقت ۾ ملڪ جي اقتصادي ڀاڱي جو بنيادي جز رهي آهي، خاص طور تي لاڙڪاڻو، قنبر شهدادڪوٽ، بدين، ٺٽو، سجاول، شڪارپور، دادو، سانگهڙ، ۽ نوابشاهه جهڙا علائقا سارين جي وڏي پيداوار جا مرڪز رهيا آهن. پر سال 2025 ۾ سارين جي فصل کي ٿيل بي مثالي نقصان نه رڳو زرعي معيشت کي ڌڪ رسايو آهي، پر هزارين آبادگارن، هارين ۽ زرعي مزدورن کي معاشي طور برباد ڪري ڇڏيو آهي. ان وقت جڏهن عالمي سطح تي کاڌ خوراڪ جي قيمتن ۾ اضافو ڏٺو ويو، سنڌ جا هاري پنهنجي محنت جو ڪو صلو نه ملڻ سبب سراپا احتجاج نظر اچي رهيا آهن.
2025 جي خريف جي مند ۾ سنڌ جي مختلف علائقن مان رپورٽ ٿيل معلومات مطابق، سارين جي فصل کي خاص طور تي موسمي تبديلي، پاڻي جي کوٽ، ناڪاره زرعي پاليسين، غيرمعياري ٻج، ڀاڻ ۽ زرعي زهر جي کوٽ سبب سخت نقصان پهتو. ڪيترن علائقن ۾ فصل پچڻ کان اڳ ئي سڙي ويو، جتي پاڻي نه پهتو، اتي فصل سڪي ويو، ۽ جتي پاڻي آيو، اتي دير سان آيو، جيڪو فصل لاءِ موذون نه رهيو.
ٻئي پاسي، ڪيترن ئي آبادگارن کي غيرمعياري جراثيم ڪُش دوا وڪرو ڪئي وئي، جيڪا فصل جي واڌ ويجهه کي فائدو ڏيڻ بدران نقصان پهچائيندڙ ثابت ٿي. هن سڄي صورتحال ۾ حڪومت جي خاموشي ۽ زرعي کاتي جي غيرفعاليت پڻ وڏو الميو رهي.
سنڌ جي اڪثريتي هاري آبادي وٽ يا ته پنهنجو ننڍو زمين جو ٽڪرو آهي، يا اهي زميندارن وٽ ڪم ڪن ٿا. سارين جو فصل هنن لاءِ نه صرف مالي سهارو آهي، پر کين ٻيون فصلون پوکڻ لاءِ به معاشي سگهه مهيا ڪندو آهي. پر هن سال، جنهن طريقي سان فصل جي واڌ گهٽجي وئي ۽ مارڪيٽ ۾ سارين جا اگهه به ڳري واپارين جي هٿ وسامي ويا، ان سبب هارين کي ٻن طرفن کان ڌڪ لڳو. هڪ طرف فصل گهٽ ٿيو، ٻئي طرف اگهه گهٽ مليا. مارڪيٽ ۾ واپارين ۽ چانور مل مالڪن جو هڪ قسم جو غير اعلانيه ڪارٽيل آهي، جيڪو هر سال سرڪار جي بيحسيءَ کي هٿ ۾ وٺي آبادگارن کان فصل سستو خريد ڪري، بعد ۾ ان چانور کي اعليٰ اگهن تي برآمد ڪندو آهي. هن سال آبادگارن کي 2500 رپيا من جي اميد هئي، پر هنن کي بمشڪل 1800 رپيا من مليا. جڏهن ته ساڳيو چانور مل مان 4000 کان 5000 رپيا من تائين وڪرو ٿي رهيو آهي.
انهيءَ ناانصافيءَ خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آبادگارن، هارين، ۽ زرعي تنظيمن جي اڳواڻن پاران احتجاجي مظاهرا، روڊ بند، ڌرڻا ۽ ميڊيا تي مهمون هلائڻ شروع ٿيون. "اسان جا اگهه واپس ڏيو”، "هاري بچي ته ملڪ بچي”، ۽ "غير منصفاڻي واپار بند ڪريو” جهڙا نعرا، هاڻي رڳو بينرن تائين محدود نه رهيا آهن، پر سوشل ميڊيا تي پڻ وڏي همدردي سان شيئر ڪيا پيا وڃن. نوجوان هارين، خاص طور تي زرعي تعليم حاصل ڪندڙ نئين نسل، به هن تحريڪ ۾ سرگرم ٿي ويا آهن. هنن صرف احتجاج تائين پاڻ کي محدود نه رکيو آهي، پر مقامي زرعي پاليسين جي تنقيد، متبادل واپار جي تجويزن، ۽ حڪومت کان زرعي سبسڊي جي گهر لاءِ منظم طور تي آواز اٿاريو آهي.
افسوس جي ڳالهه اها آهي ته هن سنگين صورتحال تي وفاقي ۽ صوبي سرڪار جو ردعمل نهايت سست، غير مناسب ۽ بي حس رهيو آهي. سنڌ جي زراعت کاتي پاران نه ته وقت سر پاڻي جي ورڇ جي نگراني ڪئي وئي، نه غير معياري جراثيم ڪش تي ڪو قدم کنيو ويو، ۽ نه ئي زرعي انشورنس اسڪيم تي عملدرآمد ڪيو ويو. آبادگارن جو مطالبو آهي ته: سارين جو سرڪاري اگهه فوري طور تي 5 هزار روپيا مڻ مقرر ڪيو وڃي، آبادگارن لاءِ زرعي قرضن ۾ رعايت ڏني وڃي، غلط زرعي پاليسين تي ذميوار آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، زرعي انشورنس جو نظام قائم ڪيو وڃي، جيئن قدرتي آفتن سبب ٿيل نقصان جو ازالو ٿي سگهي، مارڪيٽ ۾ واپارين جي اجاره داريءَ خلاف قدم کنيا وڃن. رڳو تقريرن سان نه، عمل سان حڪومت لاءِ وقت اچي ويو آهي ته هو زراعت کي رڳو تقريرن يا سستي سبسڊي سان نه پر صحيح ريت پاليسين سان اڳتي وڌڻ گهرجي زرعي تحقيق لاءِ فنڊ وڌايا وڃن. غير معياري زرعي دوائن ۽ ڀاڻ تي مڪمل پابندي لڳائي وڃي. آبادگارن سان سڌو رابطو رکي قيمتن جو مناسب تعين ڪيو وڃي. ايڪسپورٽرن کي رڳو تڏهن سبسڊي ڏني وڃي جڏهن هو آبادگارن کان مقرر اگهه تي خريد ڪن. آبادگارن جي تحفظ کانسواءِ سنڌ جي زراعت جو مستقبل اونداهو سنڌ جي زرعي معيشت جو دارومدار انهن هارين ۽ آبادگارن تي آهي، جيڪي گرمين ۾ سج ۾ ساڙجي، ۽ سياري ۾ ٿڌيءَ ۾ ڪم ڪري ملڪ جي خوراڪ جو بندوبست ڪن ٿا. جيڪڏهن اڄ به هنن جي تحفظ لاءِ قدم نه کنيا ويا، ته نه رڳو سنڌ سڄي پوري ملڪ کي خوراڪ جي کوٽ، بيروزگاري، ۽ زرعي بدانتظاميءَ جهڙن بحرانن کي منهن ڏيڻو پوندو. اها وقت جي اهم ضرورت آهي ته حڪومت، ميڊيا، شهري سماج، ۽ سول سوسائٽي گڏجي هن تحريڪ جي آوازي بڻجن ۽ آبادگارن کي سندن محنت جو مناسب معاوضو ڏيارڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن.
هن وقت اها سٺي اڳڀرائي نظر آئي آهي ته سنڌ جون سڀ سياسي، مذهبي ۽ قوم پرست جماعتون سارين جو اگهه گهٽ ڪرائڻ لاءِ آباد گارن جي تحريڪ سان گڏ آهن جيڪڏهن انهن سان ڪا جماعت گڏ ناهي ته اها حڪمران جماعت آهي سو حڪومت کي آبادگارن سان ڳالهائڻ گهرجي ۽ ان جي گهرجن کي ڏسڻ ۽ سمجهڻ گهرجي. آباد جو چوڻ آهي ته واپارين ۽ سيلر مالڪن جي من ماني سبب غريب آبادگارن کي سخت نقصان کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.