اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ شديد گرميءَ جي لهر، صحت واري قومي اداري(اين آءِ ايڇ) هيٽ ويو ۽ سن اسٽروڪ کان بچاءُ لاءِ ايڊوائزري جاري ڪري ڇڏي.
جاري ڪيل ايڊوائزريءَ موجب، موسمي تبديلين ۽ گلوبل وارمنگ جي ڪري پاڪستان ۾ شديد گرميءَ جي لهرن ۾ واڌارو ٿيو آهي، لاڳاپيل ادارن کي هيٽ اسٽروڪ کي منهن ڏيڻ لاءِ تيارين کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
صحت واري قومي اداري موجب، هر سال هيٽ ويو جا اثر ۽ خطرا وڌي رهيا آهن، هيٽ اسٽروڪ سبب بيمارين ۽ فوتگين ۾ واڌ جو خدشو آهي، هيٽ اسٽروڪ کان بچاءُ لاءِ فوري احتياطي اپاءَ اڻٽر آهن.
ايڊوائزريءَ موجب، شهري تيز اُس ۾ نڪرڻ کان پاسو ڪن، جسم ۾ پاڻيءَ جي کوٽ پوري رکڻ هيٽ اسٽروڪ کان بچاءُ لاءِ لازمي آهي، شهري گرم گهم واري موسم ۾ گهڻو پاڻي ۽ لوڻياٺ واريون غذايون واپرائن.
اين آءِ ايڇ موجب، شديد گرميءَ ۾ مٿو ڍڪڻ ۽ هلڪي رنگن جا ڪپڙا پهرڻ گهرجن، عوام احتياطي تدبيرون اختيار ڪري ته جيئن هيٽ اسٽروڪ جي پيچيدگين کان محفوظ رهي سگهجي.
ايڊوائزريءَ موجب، هيٽ ويو ۽ سن اسٽروڪ جي مڪمل ايڊوائزري صحت واري اداري جي ويب سائيٽ تي موجود آهي، شديد گرميءَ ۾ جسم جو گرمي پد 106°F تائين وڃي سگهي ٿو، هيٽ اسٽروڪ موتمار ثابت ٿي سگهي ٿو.
اين آءِ ايڇ موجب، چڪر، الٽي ۽ ڌنڌلو نظر اچڻ، پگهر بند ٿي وڃڻ، هيٽ اسٽروڪ جون اهم علامتون آهن، هيٽ اسٽروڪ جي صورت ۾ مريض کي ڇانوَ ۾ آڻيو، ڪپڙا ڍرا ڪريو، ٿڌي پاڻيءَ سان اسپنج ڪريو.
ايڊوائزريءَ موجب، منجهند 11 کان 4 وڳي تائين اُس کان بچو ۽ روزانو 3 کان 4 ليٽر پاڻي پيئو، بزرگ، ٻار، ڳورهاريون عورتون، مريض ۽ ٻاهر ڪم ڪندڙ ورڪرز وڌيڪ احتياط ڪن.
صحت واري قومي اداري موجب، شهري چانهه، ڪافي کان پاسو ڪن، اهي جسم ۾ پاڻيءَ جي کوٽ وڌائين ٿيون، اين آءِ ايڇ سمورن اسپتالن کي هيٽ اسٽروڪ سينٽر بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي.