لنڊن (ويب ڊيسڪ) گوگل پنهنجي برائوزر ڪروم لاءِ هڪ نئين فلوٽنگ سرچ بار فيچر جي آزمائش ڪري رهيو آهي، جنهن ذريعي واهپيدار سڌو سنئون اي آءِ ٽولز تائين رسائي حاصل ڪري سگهندا.
رپورٽ موجب هن فيچر کي”پروجيڪٽ لوم“ جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ اهو گوگل ڪروم جي تجربي واري ورزن ڪينيري ۾ ڏٺو ويو آهي. نئين فيچر تحت سرچ بار اسڪرين تي مسلسل موجود رهندي، جنهن سان واهپيدارن کي اضافي ڪلڪ کانسواءِ گوگل جي آرٽيفيشل انٽيليجنس خدمتن تائين پهچ حاصل ٿيندي.
رپورٽ موجب گوگل ”آسڪ ايني ٿنگ“ سرچ باڪس جي يوزر انٽرفيس کي نئين سر تيار ڪيو آهي ۽ ان ۾ اي آءِ سهولتون شامل ڪيون آهن. عام ويب سرچ جو آپشن به موجود رهندو، پر اي آءِ کي ڊفالٽ چونڊ بڻايو ويو آهي. فلوٽنگ سرچ بار ذريعي واهپيدار تصويرون اپلوڊ ڪري سگهندا، دستاويزن جو تجزيو ڪرائي سگهندا ۽ اي آءِ جي مدد سان آرٽ ورڪ به تيار ڪري سگهندا، بغير ڪنهن اضافي ايپليڪيشن کولڻ جي.
ٻئي پاسي رپورٽ موجب هي فيچر مائيڪروسافٽ ايج جي فلوٽنگ سرچ بار سان ملندڙ جلندڙ آهي. گوگل طرفان اڃا تائين اهو واضح ناهي ڪيو ويو ته هي فيچر ڪڏهن ڪروم جو مستقل حصو بڻجندو. رپورٽ موجب اڃا تجربي واري مرحلي ۾ آهي ۽ ممڪن آهي ته ڪمپني ان ۾ وڌيڪ تبديليون آڻي يا ان کي مڪمل طور ختم ڪري ڇڏي.