لنڊن (ويب ڊيسڪ) اوپن اي آءِ پنهنجي مشهور اي آءِ چيٽ بوٽ چيٽ جي پي ٽي کي سپر ايپ ۾ تبديل ڪرڻ جي تياري ڪري رهي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب اوپن اي آءِ چيٽ جي پي ٽي ۾ ڪوڊنگ ٽولز، اي آءِ ايجنٽس ۽ ٻين خدمتن کي شامل ڪري ان کي هڪ جامع پليٽ فارم بڻائڻ چاهي ٿي، جيئن اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ وڃڻ کان اڳ ڪمپني جي آمدني ۾ واڌ آڻي سگهجي. رپورٽ موجب ان مقصد لاءِ ڪمپني اندر اهم تبديليون ڪيون پيون وڃن ۽ وسيلا وڏن ڪارپوريٽ گراهڪن کي حاصل ڪرڻ سان گڏ مقابلي واري ڪمپني اينٿراپڪ سان وڌيڪ مقابلي لاءِ استعمال ڪيا ويندا.
رپورٽ موجب هن تبديلي سان اوپن اي آءِ جي ڪوڊنگ پراڊڪٽ”ڪوڊيڪٽس“ کي وڌيڪ وسيلا فراهم ڪيا ويندا. ان سان گڏ چيٽ جي پي ٽي جي انٽرفيس کي به نون فيچرز ۽ پرامپٽس ذريعي بهتر بڻايو ويندو، جيڪي واهپيدارن کي ڪوڊنگ ٽولز، تصويرون تيار ڪرڻ واري سهولت ۽ ٽئين ڌر جي خدمتن جهڙوڪ ڪينوا ڏانهن وٺي ويندا.
ٻئي پاسي رپورٽ ۾ ڄاڻ ملي آهي ته ڪمپني کي اميد آهي ته سال جي پڄاڻي تائين آمدني ۾ 50 سيڪڙو واڌ ٿيندي، ڇاڪاڻ ته ڪوڊيڪس جا واهپيدار ماهوار فيس ادا ڪندا. واضح رهي ته چيٽ جي پي ٽي جا ماهوار واهپيدار هڪ ارب تائين پهچي چڪا آهن، جن مان لڳ ڀڳ 5 ڪروڙ ماڻهو ادا ڪيل خدمتون استعمال ڪن ٿا.