پئسي ڏوڪڙ وارا ماڻهو ملڪ ڇو ڇڏي رهيا آهن؟

تحرير: سڪندر چنو

هن وقت پاڪستان سياسي انارڪي جي ڪن ۾ ڦاٿل آهي. پاڪستان ۾ سياسي ۽ معاشي بهتري جي پري پري تائين ڪابه اميد ڏسڻ ۾ بظاهر ڪونه ٿي اچي. گذريل ڪجهه سالن کان وٺي پاڪستان معيشت جي حوالي سان مشڪل حالتن مان گذري رهيو آهي. اندروني سياسي ويڙهه ۽ پاڪستان جي سرحدن تي وڏي ڳڻتي واري بدستور صورتحال موجود آهي. خاص ڪري افغانستان ۽ پاڪستان وچ ۾. عام ماڻهو جي زبان تي صرف هڪ ئي سوال آهي ته آخرڪار پاڪستان جو مستقبل ڪهڙو ٿيندو؟ پاڪستان تيزي سان هڪ وڏي خلفشار طرف وڌي رهيو آهي. ۽ پاڪستان جي معيشت ۾ ڪابه بهتري نه پئي اچي. اڃان به ملڪ ۾ مهانگائي، غربت، بيروزگاري جو جن بوتل مان ٻاهر نڪري آيو آهي. پاڪ سعودي دفاعي معاهدي کان پوءِ ملڪ ۾ ڪهڙو معاشي استحڪام آيو؟ هاڻي ته ملڪ ۾ سڀ ڪجهه ٺيڪ ناهي. ملڪ تيزيءَ سان ڪنهن وڏي انارڪي طرف وڃي رهيو آهي. ملڪ ۾ امن و امان نه آهي، نه مهنگائي گهٽ ٿئي پئي. نه گئس آهي، بجلي مهانگي ۽ ناپيد ٿيندي پئي وڃي. ملڪ کي ورلڊ بئنڪ ۽ آءِ ايم ايف جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي. صبح جو سج اڀرڻ کان وٺي لهڻ تائين عوام مايوسي جي عالم ۾ رهي ٿو. ملڪ جي عوام جي حالت اهيا آهي جو ماڻهو ڀيٽ ڀري ڳڀو به کائي ڪونه ٿو سگهي. ادارن ۾ ڪرپشن کي قانوني ۽ جائز سمجهي ورتي وڃي ٿي. هر ٽيبل جو پنهنجو ريٽ مقرر ٿيل آهي. هر اداري ۾ ڇڙواڳي آهي. دنيا ۾ وڌيڪ شگر جا مريض پاڪستان ۾ موجود آهن جن ۾ واڌ ٿي رهي آهي. ان جو اهم ڪارڻ ملڪ ۾ سياسي استحڪام ۽ معاشي استحڪام جي غير يقيني واري صورتحال آهي. پاور سيڪٽر تباهه، گئس سيڪٽر تباهه، ريئل اسٽيٽ جو ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آهي. پاڪستان ۾ معاشي تنگي سبب ماڻهن تي ٽيڪسن جو بار وڌو پيو وڃي. جنهن جي ڪري اڪثر امير ماڻهو پاڪستان ڇڏي رهيا آهن. امير ماڻهو ملڪ مان مايوس ٿي نڪري رهيا آهن. پاڪستان تيزي سان غير يقيني واري صورتحال ۾ ٻڏي رهيو آهي. سنجيدگي سان ملڪ لاءِ ڪير به سوچي نه رهيو آهي. پاڪستان گهرو ويڙهه طرف وڌي رهيو آهي. مسلمانن کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ جي سازش ٿي رهي آهي. افغانستان ۽ پاڪستان وچ ۾ غير يقيني واري صورتحال بدستور اڃان موجود آهي.

 برطانيا جي هينلي پرائيويٽ دولت مائيگريشن پنهنجي رپورٽ جيڪا 2025 ۾ جاري ڪئي آهي. هي هڪ اهڙي ڪمپني آهي جنهن ڪيترن ئي سالن کان وٺي ڪروڙپتي ماڻهن جي لڏ پلاڻ تي تحقيقات شروع ڪئي آهي. هينلي جي چيف جورج اسٽيفن جو چوڻ آهي ته 2025 پريشاني ۽ ڳڻتي وارو سال آهي. ڪروڙپتي ماڻهو مختلف ملڪن مان لڏ پلاڻ ڪري يورپ جو رخ ڪري رهيا آهن جتي امن و امان بهتر ۽ مهنگائي جو نالو نشان ئي ناهي. وڏي ڳالهه ته انسان جو وڏو قدر ۽ ملهه آهي. پاڪستان ۾ ماڻهو جو ملهه 200 روپي آهي يعني 200 جي هڪ گولي. يورپ ۾ انصاف جو بول بالا آهي پر پاڪستان ۾ انصاف نالي ڪابه شيءِ پري پري تائين نظر نه ٿي اچي. پاڪستان ۾ جهنگ جو قانون آهي. جتي جهنگ جو يعني ٻيلي جو قانون هجي ته اتي معاشي ترقي هڪ خواب ئي رهندو آهي. يورپ جي ملڪن ۾ آزادي ۽ معاشي استحڪام آهي. ماڻهو خوشحال زندگي گذارين پيا. انسان جو وڏو قدر آهي. هينلي جي رپورٽ ۾ وڌيڪ انڪشاف ڪيو ويو آهي. ته هن هلندڙ سال 142000 هزار ڪروڙ پتي ماڻهو دنيا جي اڪثر انهن ملڪن مان جتي امن و امان ناهي. سياسي توڙي معاشي استحڪام ناهي يا ڪرپشن سبب ملڪ تباهه و برباد ٿي رهيا آهن. پنهنجا ملڪ ڇڏي يورپ، دبئي ۽ ٻين پر امن ملڪن ڏانهن لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن. ۽ دبئي مان ڪوبه ماڻهو يورپ لڏپلاڻ نه ڪندو. 10 هزار ڪروڙ پتي ماڻهو دبئي ۾ ديرو ڄمائيندا. 8000 هزار ڪروڙ پتي ماڻهو آمريڪا طرف لڏپلاڻ ڪندا. 800 اسپين، 500 جرمني، 400 فرانس، 800 ڪروڙ پتي ماڻهو ٻين ملڪن مان ايندا. سوئزرلينڊ 3000، اٽلي 3600، پرتال 1400 ۽ يونان 1200 ڪروڙ پتي ماڻهو هميشه لاءِ رهائش اختيار ڪندا. ڇاڪاڻ ته انهن ملڪن ۾ زندگي کي آسان بڻايو ويو آهي.

 پاڪستان مان به ڪروڙ پتي ماڻهو جن جو تعداد لڳ ڀڳ 2000 ٻڌايو پيو وڃي. ملڪ ڇڏي وڃي رهيا آهن ۽ انهن ماڻهن مختلف ملڪن ۾ ملڪيتون خريد ڪيون آهن ۽ پرسڪون زندگي گذاري رهيا آهن. پاڪستان ۾ بي يقيني ۽ بجلي گئس جو بحران ۽ وڌندڙ ٽيڪسن سبب خوشحال ماڻهو ملڪ مان لڏ پلاڻ ڪري وڃي رهيا آهن. باقي ملڪ کي ڪنگال بڻائيندڙ وڃي بچيا آهن. جيڪي به جلد ملڪ ۾ ٻهاري سان صفائي ڪري فرار ٿي ويندا. پاڪستان ۾ غير مقبول جمهوري حڪومت مان ڪروڙ پتي ماڻهو مايوس ٿيندي ملڪ کي خير آباد ڪري وڃي رهيا آهن. ڪروڙ پتي ماڻهن جو ملڪ مان لڏپلاڻ ڪرڻ جو اصل مقصد پنهنجي خاندان جي پرسڪون زندگي گذارڻ آهي. پاڪستان ۾ پرسڪون زندگي گذارڻ هڪ خواب بڻجي ويئي آهي. ڪروڙ پتي ماڻهو ته لڏپلاڻ ڪري رهيا آهن باقي غريب عوام جو ڇا ٿيندو؟ غريب عوام حڪمرانن لاءِ ٽشو پيپر جيان آهي. مقصد حاصل ڪرڻ کان پوءِ غريب ماڻهن کي ڪوڙي دان ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيندا آهن. وري اليڪشن ۾ غريب ياد ايندو آهي.

بحرالحال هينلي جي رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪروڙ پتي ماڻهو جڏهن ڪنهن ملڪ مان لڏپلاڻ ڪندا آهن ته ان جو ٻيو اهيو به مقصد هجي ٿو ته ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام جي کوٽ آهي ۽ ملڪ معاشي ڌٻڻ مان ٻاهر نڪري ڪونه ٿو سگهي. ۽ حڪمرانن جي غير مقبوليت هجڻ سبب اجايو اقتدار جي ڪرسي سان چنبڙيل به هجڻ آهي. ٿيڻ ته ائين گهرجي ته حڪمران خلاف جڏهن عوام جي دلين ۾ نفرت پيدا ٿئي ۽ ماڻهو سري عام ان نفرت جو اظهار ڪن ته ڏنڍي جي زور تي ماڻهن مٿان حڪمراني ڪندڙ عزت نفس سان اقتدار ڇڏي باعزت گهر هليا وڃن. پر اڪثر ڪري ائين ٿئي ڪونه ٿو. جنهن جي ڪري ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي. پاڪستان ۾ ڪنهن به سويلن وزيراعظم پنهنجي آئيني مدت پوري نه ڪئي آهي. پاڪستان ۾ معاشي ۽ سياسي عدم استحڪام سبب نه رڳو عوام مايوس ۽ پريشان آهي پر ملڪ ۾ امن و امان جو مسئلو به خراب ٿي رهيو آهي. ادارا به تباهه ٿي رهيا آهن. پاڪستان ۾ ڪرپشن کي جائز قرار ڏنو ويو آهي. ناجائز ڪم لاءِ به عام چوڻي آهي ته يار پاڪستان آهي هتي سڀ ڪجهه جائز آهي. جڏهن عام ماڻهوءَ جي زبان تي اهڙا لفظ اچڻ ته پوءِ باقي ملڪ ترقي ڪيئن ڪندو. پاڪستان ۾ سياسي حالتون منفرد آهن. پاڪستان جي اڪثر ڪري نوڪر شاهي يعني آفيسرن پرتگال ۾ پرسڪون زندگي گذارڻ لاءِ ملڪيتون وٺي ڇڏيون آهن ۽ پاڪستان جي نوڪر شاهي پرتگال لڏپلاڻ ڪري رهي آهي. پاڪستان مان ارب روپين جي ڪرپشن ڪري هاڻي عيش آرام جي زندگي گذارڻ لاءِ پاڪستان مان لڏ پلاڻ ڪري رهيا آهن. ڦرلٽ ڪرڻ ۾ پاڪستان ڏاڍو آسان آهي. ملڪ جي فوج جا رٽائر جنرل ۽ آفيسر به پاڪستان ۾ رهڻ پسند نه ٿا ڪن. اهي به رٽائرمينٽ کان پوءِ پاڪستان کي غير محفوظ سمجهندي ٻاهر منتقل ٿي رهيا آهن. اڳوڻي وزيراعليٰ پنجاب سردار عثمان بوزدار جي هڪ منظور نظر آفيسر پنهنجي نياڻيءَ جي شادي لاءِ چار ارب روپيه خرچ ڪيا. ڇا اهو پئسو عوام جي ٽيڪسن جو نه هو؟ پاڪستان جي اڪثر ارب پتي يا ڪروڙ پتي ماڻهن بئنڪن مان پئسا ٻاهر منتقل ڪرڻ لاءِ درخواستون ڏنيون آهن. سوال اهيو ٿو پيدا ٿئي ته قانون ۾ اهڙي ترميم ڪري سگهجي ٿي جنهن سان آفيسر شاهي جي دولت جي نگراني کي تقويت ملي سگهي؟ ن ليگ جا اڪثر بيوروڪريٽ جيڪي وزيراعليٰ مريم نواز جا منظور نظر آهن ٻاهر دولت منتقل ڪري رهيا آهن. پڇڻ وارو ڪوبه ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.