ملڪ ۾ فيبروري 2024ع تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ جمهوري ۽ عوامي قوتن ۽ محلاتي اقتداري گروهن ۾ وري مقابلا ٿيڻا آهن ملڪ جي هڪ وڏي عوامي جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي جيڪا گذريل ٻن سالن کان خاموشي ۽ تيزي سان ملڪ ۾ پنهنجيون سياسي سرگرميون وڌائي رهي آهي انهيءَ طرفان پيپلز پارٽي جي 54هين يوم تاسيس جون سرگرميون بلوچستان کان شروع ڪرڻ ۽ 30 نومبر تي ڪوئيٽا ۾ وڏو ورڪرز اجتماع ڪرڻ سان بلوچستان ۾ پنهنجي چونڊ مهم شروع ڪرڻ واري ڪيل اعلان بعد سندس مخالف جماعت مسلم ليگ نواز جي سربراهه ميان نواز شريف طرفان پڻ پاڻ تي ايمرجنسي لاڳو ڪري باقي سياسي سرگرميون هڪ پاسي رکي بلوچستان جو دورو ڪرڻ لازمي سمجهيو.
ميان صاحب جي بلوچستان جي تازي دوري ۾ يقينن کيس ڪا گهڻي مايوسي به نه ٿي آهي. خاص ڌرين سان لاڳاپيل وڏي تعداد ۾ اليڪٽيبلز جا تحفا پڻ پيش ڪيا ويا آهن جنهن ۾ بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير ڄام ڪمال، سليم کوسو ۽ کيتران سميت 30 ڄڻا ن ليگ ۾ شامل ٿيا آهن ۽ وڌيڪ ٻين به ڪيترين ئي شخصيتن تي پڻ ڪم هلي رهيو آهي. ائين معلوم ٿي رهيو آهي ته هاڻي ٽائيگر خان واري جاءِ تي پراڻي شينهن طرفان پاڻ کي موقعو ڏيڻ ۽ ساڳي معاوضي تي خدمت ڪرڻ واري درخواست جمع ڪرائي وئي آهي. جيڪڏهن اها درخواست قبول ٿي ٿئي ته، ايندڙ ڏينهن ۾ ملڪ جي عوام کي سڄو جهنگ وري پوڙهي شينهن جي حوالي ٿيندي نظر ايندو.
ملڪ تي چوٿون ڀيرو وڏي شينهن جي حڪمراني قائم ڪرڻ لاءِ يقينن خاص انتظام ڪيا پيا وڃن، چئني صوبن ۽ مرڪز ۾ موجود "خاص مرڪزن ۽ لاڳاپيل خاص ڌرين” کي نون حاڪمن لاءِ رستا صاف ڪرڻ ۽ هن ڀيري انهن کي ٽائيگر خان بدران ملڪ تي لاهوري شينهن جي حڪمراني قائم ڪرڻ لاءِ انتظام ڪرڻ ۾ مددگار ٿيڻ وارا سگنل ملڻ بعد خاص جماعتن جي نون ۽ پراڻن رانديگرن، نوابن، سردارن ۽ خاص قسمن جي پهلوان کي پنهنجا سندرا ٻڌڻ ۽ وري پنهنجيون شروانيون سبرائڻ وارا سگنل وصول ٿيڻ بعد سرگرميون تيز ٿي ويون آهن.
ٻئي پاسي شينهن واري جماعت پنهنجن پراڻن حڪومتي تجربن، ڪيل ڪارنامن ۽ پنهنجن ماڻهن هٿان حادثن جو شڪار ٿيڻ ڪري يقينن تمام گهڻين پريشانين ۽ مونجهارن جو شڪار پڻ آهي. وڏي شينهن ۽ ننڍن وڏن شينهن واري جهنگ جي بادشاهن واري خاندان سان لاڳاپيل سياسي جهنگ جي باقي مخلوق ۽ خاندانن کي هن ڀيري شايد عوام تي ويساهه نه رهيو آهي يا هو عوام مان پنهنجي لاءِ ڪا خير جي اميد نظر نه پئي اچي جو هاڻي هو ووٽ کي عزت ڏيو واري پراڻي چونڊ نعري ۽ چونڊ منشور تان هٿ کڻي ويا آهن ۽ هاڻي”طاقت جو سرچشمو عوام“ کي سمجهڻ بدران طاقت جو سرچشمو ملڪ جي اقتدار ۽ اختيارن تي قابض خاص گروهن کي قبول ڪري ورتو آهي انهن کي راضي رکڻ لاءِ هو بلوچستان سميت ملڪ جي هر ان مرڪز تي حاضري ڏيڻ لاءِ ڪشالا ڪڍي رهيا آهن جنهن جي مدد سان هو چوٿون ڀيرو حڪومت ٺاهڻ ۾ مدد حاصل ڪري پنهنجون رهيل ڪسرون پوريون ڪري سگهن.
يقينن عوام جي طاقت ۽ اختيارن کان خوفزده ٻيون به ڪيتريون ئي ڌريون ۽ گروپ آهن جيڪي عوام کان خوف ۽ ڊپ جو هڪجهڙو ئي شڪار آهن اهي هر حالت ۾ پنهنجي گروهي جادوگري، ڪرتبن، دولت ۽ اثر رسوخ کي استعمال ڪري اقتدار حاصل ڪرڻ جا خواهشمند آهن اهي پڻ پنهنجن اتحادين جي ڳولها ۾ آهن. ائين چئجي ته ملڪ ۾ ٿيندڙ عام چونڊون عوامي طاقت ۽ محلاتي گروهن جي حرفتن وچ ۾ مقابلن جي صورت ۾ ٿينديون ته اهو چوڻ يقينن غلط نه ٿيندو.
ٻئي پاسي، پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان سنڌ ۾ پنهنجي حڪومت جي لڳاتار ٽئين دور جي پڄاڻي ڪاميابي سان ڪرڻ ۽ آخري سال ۾ ملڪ ۾ ٿيل مڪاني چونڊن جي مرحلي ۾ سموري سنڌصوبي ۾ حاصل ڪيل شاندار ڪاميابين ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي ۽ ميرپورخاص مرڪزن ۽ شهرن ۾ پنهنجون مضبوط مڪاني حڪومتون ٺاهڻ بعد سموري صوبي ۾ ڪاميابين واري مثالي سند حاصل ڪرڻ بعد هاڻي پنجاب ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ پنهنجو رنگ ڄمائڻ ۽ عوامي رابطا مهم جي پڻ شروعات ڪري چڪي آهي. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي نوجوان چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سرواڻي ۾ ٿرپارڪر جي مرڪز مٺي ۾ عام چونڊن واري مهم جي پنهنجي پهرين ڪيل وڏي ۽ ڪامياب جلسي بعد هن وقت خيبرپختونخواهه جي دوري تي نڪتل آهي. ايبٽ آباد ۾ پيپلز پارٽي پنهنجي 54هين يوم تاسيس واري سال جو پهريون ورڪرز ڪنوينشن ۽ وڏو عام جلسو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪي آهي جنهن سان پاڪستان پيپلز پارٽي، خيبرپختونخواهه جي سياست جي مرڪزن ۾ پڻ حرارت پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندي نظر اچي رهي آهي. ايبٽ آ باد جي جلسي کي خطاب ڪندي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري طرفان پنهنجي دليلن، تيز ۽ چٽي بيان سان عوام ۾ پيغام پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ خطاب ۾سندس چوڻ هو ته، ٻيون پارٽيون پراڻي سياست ۾ لڳل آهن، اسان کي پراڻي سياست ۽ پراڻن سياستدانن کي هاڻي گهر ويهارڻوپوندو، هن جو موقف هو ته سياست ۽ سياسي جماعتن جو هڪ نظريو ۽ منشور هجڻ گهرجي جيڪو پيپلز پارٽي وٽ آهي.
خيبرپختونخواهه ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان شروع ڪيل پنهنجي چونڊ مهم جي پهرين عوامي رابطا مهم لاءِ ايبٽ آباد ۾ ڪوٺايل ورڪرز ڪنوينشن کي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ خطاب ڪيو. سندس چوڻ هو ته، ملڪ کي هاڻي نئين سياست ۽ نئين قيادت جي ضرورت آهي، 70 سالن وارن پوڙهن سياستدانن کي رڳو پنهنجا ذاتي مقصد آهن. عوام طرفان ڪنهن کي ٻيو يا چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻائڻ بدران ان کي وزيراعظم بڻائين جنهن کي موقعو نه مليو آهي، سندس چوڻ هو ته، خيبر پختونخواهه جو عوام اسان کي ووٽ ڏئي، صوبي جا سمورا مسئلا حل ڪري ڏيکارينداسين، سندس چوڻ هو ته موقعو مليو ته ايندڙ پنج سالن دوران پگهارون ٻيڻيون ڪنداسين، پ پ عوام جي خدمت ڪئي آهي، عوام کي سڀ کان وڌيڪ روزگار اسان جي دور ۾ مليو. هن جو چوڻ هو ته، اسان کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ اضافو ڪرڻو پوندو، اسان اهڙا منصوبا آڻينداسين جنهن تحت هر طبقي کي فائدو ٿئي۔ پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته، جيستائين عوام جي ووٽ کي عزت نه ڏني ويندي ايستائين پاڪستان ترقي نه ٿو ڪري سگهي.
ملڪ جي سياست جي هن نئين رخ مان معلوم ٿي رهيو آهي ته هن ڀيري پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان پنهنجي پراڻي عوامي نعري طاقت جو سرچشمو عوام آهي ۽ ان سان گڏ مسلم ليگ نواز واري ڇڏيل نعري ووٽ کي عزت ڏيو وارا ٻئي نظرياتي ۽ فڪري جهنڊا پڻ هڪ ئي وقت ۾ پنهنجي هٿن ۾ کڻڻ جو سڌي ريت اعلان ڪري ڇڏيو آهي.يعني ملڪ جي غيرمعمولي، معيشت ۽ مستقبل بابت بحراني صورتحال ۾ سموري ملڪ ۾ سياسي حالتون پڻ وفاقي سياست ۽ ملڪ گير سياست ڪرڻ ڏانهن تيزي سان منتقل ٿي رهيون آهن.
اهڙي صورتحال ۾ صوبن جي سطح يا مختلف علائقن ۾ اثر رکندڙ ڌرين جي سياست ۽ پنهنجي وجود جي بقا لاءِ پڻ سنجيدگي سان سوچڻ ۽ ملڪ جي نئين سياسي صورتحال موجب پنهنجي سياسي نظرئي سان ويجهي قومي ۽ وفاقي سياست ۽ ملڪ گير عوامي سياسي ڌرين سان گڏجڻ يا اتحاد ڪرڻ وارا سوال پڻ وڏي اهميت اختيار ڪري ويا آهن. خاص طور تي بلوچستان ۾ ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ جي ترقي پسند فڪر واري نظرياتي جماعت نيشنل پارٽي، سردار اختر مينگل واري جماعت، بلوچستان نيشنل پارٽي، خيبر پختونخواهه ۾ عوامي نيشنل پارٽي ۽ سنڌ ۾ پڻ ترقي پسند ۽ جمهوريت پسند ڌرين کي پنهنجي سياست ۽ عمل بابت بهتر حڪمت عملي ۽ سماج جي بهتري ۾ پنهنجو اثرائتو ۽ لاڀائتو ڪردار شامل ڪرڻ ۽ بهتر نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ يقينن اڳتي اچڻ گهرجي.
يقينن عوام جي طاقت ۽ اختيارن کان خوفزده ٻيون به ڪيتريون ئي ڌريون ۽ گروپ آهن جيڪي عوام کان خوف ۽ ڊپ جو هڪجهڙو ئي شڪار آهن اهي هر حالت ۾ پنهنجي گروهي جادوگري، ڪرتبن، دولت ۽ اثر رسوخ کي استعمال ڪري اقتدار حاصل ڪرڻ جا خواهشمند آهن اهي پڻ پنهنجن اتحادين جي ڳولها ۾ آهن. ائين چئجي ته ملڪ ۾ ٿيندڙ عام چونڊون عوامي طاقت ۽ محلاتي گروهن جي حرفتن وچ ۾ مقابلن جي صورت ۾ ٿينديون ته اهو چوڻ يقينن غلط نه ٿيندو.