اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ چيو آهي ته خاص حڪم نامي تحت قائم ڪيل خيبر پختونخوا جي 11 رڪني مشاورتي ڪائونسل ۾ مختلف شعبن جا ماهر شامل ڪيا ويا آهن، جيڪي صوبي جي اهم معاملن جون ذميواريون سنڀاليندا.
ڪائونسل ۾ گهرو معاملن لاءِ اڳوڻو ڪمشنر ۽ آءِ جي جيل ڪفايت الله خان، ناڻي ۽ معيشت لاءِ ايف بي آر جو اڳوڻو چيئرمين طارق محمود پاشا، قانون لاءِ اڳوڻو ايڊووڪيٽ جنرل عامر جاويد ۽ تعليم لاءِ اڳوڻو نگران صوبائي وزير ڊاڪٽر سيد عامر عبدالله شامل آهن.
صحت جا معاملا پاڪستان آرمي جي اڳوڻي سرجن جنرل ليفٽيننٽ جنرل (ر) نگار جوهر خان، مائنز اينڊ منرلز جا معاملا ڊاڪٽر سرفراز علي شاهه، صنعتن ۽ واپار جا معاملا ڊاڪٽر محمد ارشاد، ڪميونيڪيشن اينڊ ورڪس جا معاملا آصف رفيق آفريدي، مذهبي معاملن جي ذميواري طيب قريشي ۽ توانائي جا معاملا اڳوڻو سينيٽر عثمان سيف الله خان ڏسندو.
جڏهن ته سڌ سماءَ جا معاملا اڳوڻي ايم پي اي سمر هارون بلور جي حوالي ڪيا ويا آهن.
You might also like