خيبرپختونخوا ۾ ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ جي مذمت، وفاق جو قدم تاريخ جي گند ۾ اڇلايو ويندو: پي ٽي آءِ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) خيبر پختونخوا ۾ ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته ماضي جي آمراڻن قدمن وانگر وفاق جو اهو قدم به تاريخ جي گند ۾ اڇلايو ويندو.
پارٽي طرفان سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت عملي طور خيبر پختونخوا اسيمبلي کي معطل ڪري ڇڏيو آهي ۽ صوبائي حڪومت کي به نشانو بڻايو ويو آهي.
بيان ۾ الزام لڳايو ويو آهي ته ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ کانپوءِ وفاقي حڪومت صوبي جي وڏي وزير سهيل آفريدي سميت ٻين اهم عهديدارن کي اغوا ڪيو آهي.
پي ٽي آءِ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ملڪ تي مڙهيل عنصر اقتدار تي پنهنجي پڪڙ برقرار رکڻ لاءِ پاڪستان جي بنيادن کي ڪمزور ڪري رهيا آهن.
پارٽي موجب، وفاقي حڪومت عوامي مينڊيٽ کان محروم آهي ۽ رڳو طاقت ۽ سياسي جوڙ توڙ ذريعي قائم آهي.
بيان ۾ فيلڊ مارشل عاصم منير، وزيراعظم شهباز شريف ۽ گهرو محسن نقوي تي تنقيد ڪندي چيو ويو آهي ته سرحدن جي حفاظت ۽ دهشتگردي روڪڻ جي بنيادي ذميوارين تي ڌيان ڏيڻ بدران اهي ذميواريون صوبائي حڪومت تي وجهي، دنيا جي مختلف ملڪن جا دورا ڪري رهيا آهن ته جيئن انگ اکر تيار ڪري پنهنجي ساک بهتر بڻائي سگهن.
پي ٽي آءِ عوام کان سوال ڪيو ته ڇا هو مبينا غيرقانوني حڪومت تحت خاموشيءَ سان سڀ ڪجهه برداشت ڪندا رهندا يا پاڪستان کي مڪمل تباهيءَ کان بچائڻ لاءِ اٿي بيهندا.

You might also like