پشاور (ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پاڪستان ڪلمي جي نالي تي حاصل ڪيو ويو پر اسان نظرياتي وطن جو حق ادا نه ڪيو، اسان کي پراڻين ليڪن کي مٽائي نئين مستقبل لاءِ رستو بڻائڻو پوندو.
پشاور ۾ جي يو آءِ جي شموليتي جلسي کي خطاب فضل الرحمان چيو ته صوبي ۾ آئيندا جي يو آءِ اڪثيريت حاصل ڪندي، اڄ جي جلسي ثابت ڪري ڇڏيو ته ايندڙ حڪومت اسان جي هوندي.
هن چيو ته پاڪستان لاءِ لکين ماڻهن قربانيون ڏنيون هاڻي اسان کي وطن ۾ انقلاب جا نوان رستا ڳولڻا پوندا، اسان کي عالمي سازشن خلاف بيهڻو پوندو، اڄ اسان جي فوج کي بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي.
مولانا فضل الرحمان چيو ته پاڪستان کي معاشي بحران جو شڪار ڪرڻ حادثي جو بنيادي ناهي ايتري معاشي تباهي حادثاتي طور تي ناهي ٿيندي پر ان جي پٺيان ڪشمير کي ورهائڻ ۽ اسرائيل کي قبول ڪرڻ جو منصوبو تيار هو، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ حڪومت بڻائي وئي ان صوبي جي روايت ۽ اسلامي قدرن کي نقصان پهچايو، پاڪستان جي موجودا صورتحال جو ذميوار رڳو پي ٽي آءِ چيئرمين ناهي پر پراجيڪٽ لانچ ڪندڙ قمر جاويد باجوا ۽ فيض حميد به آهن.
You might also like