اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت خيبر پختونخوا ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو گزٽ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن موجب، صدر آصف علي زرداري آئين جي آرٽيڪل 232(1) ۽ 234(1) تحت صوبي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي آهي، جيڪا فوري طور لاڳو ٿي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگردن جي حملن سبب عوام جي جان ۽ مال کي سنگين خطرا آهن ۽ ويجهڙائي واري عرصي دوران انهن حملن ۾ واڌارو ٿيو آهي.
گزٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته صوبائي حڪومت دهشتگردي ۽ بدامنيءَ جي خطرن کي منهن ڏيڻ ۾ اثرائتي نموني ناڪام رهي آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، خيبر پختونخوا جي گورنر جي رپورٽ ۾ به صوبي جي آئيني نظام جي ناڪاميءَ جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.
ان ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته صورتحال صوبائي حڪومت جي ڪنٽرول کان ٻاهر ٿي چڪي آهي، جيڪا صوبي سان گڏ پاڪستان جي مجموعي سلامتيءَ لاءِ به خطرو آهي.
نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته خيبر پختونخوا اسيمبلي جا اختيار پارليامينٽ يا ان جي اختيار ڏنل اداري ذريعي استعمال ڪيا ويندا.
وڏي وزير سهيل آفريدي، صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن ۽ ايڊووڪيٽ جنرل کي فوري طور پنهنجا عهدا ڇڏڻا پوندا.
You might also like