روشنين جِي عيدَ ــ ڏيارِي

تحرير: ياسر قاضي

ڀٽائي، سر سامونڊيءَ ۾ ڏيارِي اچڻ تي وِرهَه مارِي هڪ ونيءَ جي عڪاسي ڪندي، چوي ٿو:

ڏِٺَي ڏِيَارِي، سَامُونڊِيُنِ سِڙَھَ سَنبَاهِيَا

وِجِهيَو وَرُ وَنجَهه کَي، رَوئَي وَڻِجَارِي

مَارِيندُئِي مَارِي، پِرِھَه سُورُ پِرِينءَ جَو

)يعني: ڏياريءَ جون خوشيون ويجهيون ايندي ئي وڻجاري به پنهنجي سامونڊي سفر جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن ۽ سندس وني سندس ٻيڙيءَ جي ونجَهه کي ڀاڪر پائي ايندڙ هِجر جي غم ۾ روئي رهي آهي. ڇو ته کيس محبوب جِي جدائي ۽ پرھه ڦٽيءَ جي پيارَ جي سارَ ماري وجهندِي(.

هر سال ڏياري ايندي ڀٽائيءَ جو اهو بيت مَن تي هُري ايندو آهي، جيڪو ڏياريءَ جي ڪيترن ئي مبارڪبادي ڪارڊن جي زينت پڻ بڻبو آهي. ڪلهه شام کان وٺي هند سنڌ ۾ روشنين جو جشن ــ ’ڏياري‘ ملهايو پيو وڃي ۽ اڄ ان جو ٻيون ڏهاڙو آهي. ’ڏيارِي‘، ’ديوالي‘ يا ’ديپاولِي‘ رڳو هندو ڌرم سان لاڳاپيل لوڪ جو وڏو جشن ۽ مذهبي تهوار ناهي، پر صدين کان هن خطي جي هڪ سماجي تهوار جي حيثيت سان ملهايو ويندڙ جشن رهيو آهي، جنھن کي هتي رهندڙ مختلف عقيدن وارا ماڻهو خوشيءَ جي موقعي طور ملهائيندا ۽ ان ۾ بهرو وٺندا رهيا آهن. ڏياريءَ کي هندي زبان ۾ ’ديوالي‘ ۽ ’ديپاولِي‘ چيو ويندو آهي، جڏهن ته سنڌيءَ ۾ ان کي ’ڏياري‘ ئي چيو وڃي ٿو. ڏياريءَ جو ڏينهن هر سال آڪٽوبر يا نومبر جي مهيني دؤران بڪرمي، سنبت يا ويساکي سال جي ڪتيءَ جي مهيني جي اماس (تارِيڪ) رات ۾ سڄيءَ دنيا ۾ ملهايو ويندو آهي. اصل ۾ اهو جشن مذهبي هجڻ کان اڳ صدين کان سنڌو ماٿر جو سماجي جشن آهي، جنهنکي خريف جي فصل لهڻ جي خوشيءَ ۾ هتان جا ماڻهو صدين کان ملهائيندا پيا اچن. سنڌو ماٿر تهذيب جا ماڻهو مذهبن کان اڳ جا آهن. جيئن جيئن مختلف مذهب آيا، انهن هن ذرخيز تهذيب جون مختلف روايتون پنهنجايُون (جيڪو انهن روايتن جو حُسن هو) ۽ پوءِ ان سان پنهنجا ڌرمي حوالا سلهاڙي، انهن جشنن کي مذهبي نوعيت جا تهوار ڪوٺڻ شروع ڪيو. اهو ئي سبب آهي جو هاڻي روشنين جي هن جشن کي رڳو هندومت جا ماڻهو ئي نه پر، سِکَ، جينَ ۽ ٻوڌي به ملهائين ٿا. جنهن مان صاف ثابت آهي ته اهو بنيادي طور ڪنهن به ڌرم جو نه پر هڪ سماجي جشن هو، جنهن سان بعد ۾ مختلف ڌرمن پنهنجا پنهنجا حوالا ۽ ڪهاڻيون جوڙي ان کي اپنائي ڇڏيو.

ڏياريءَ جي جشن ملهائڻ جي تاريخ تمام قديم آهي. هن تهوار جو ذڪر ’پدم پران‘، ’اسڪند پران‘ ۽ ٻين قديم سنسڪرت ڌرمي ڪتابن ۾ ملي ٿو. ’ٽريسي پنچ مين‘ جي ڪتابَ: ”گيسٽس ايٽ دِي گاڊز ويڊنگ ــ سليبرٽنگ ڪارتڪ اَمنگ دي وِيمن آف بنارس“ ۽ ’جيمز جي. لوچي فِيلڊ‘ جي ڪتاب ”السٽرٽيڊ انسائيڪلوپيڊِيا آف هِندو اِزم“ مطابق لفظ ’دِيوا‘ يا ’ديپا‘ (يعني ’ڏيئي‘) جو ذڪر ’اسڪند پرانا‘ ۾ علامت طور سجَ لاءِ آيو آهي. اسانجو سجُ، جيڪو نظامِ شمسيءَ جي مختلف گرهن کي روشني ڏئي ٿو، اهو ئي سجُ، ’ڪتيءَ‘ جي مهيني ۾ موسمي تبديليءَ جي مرحلي مان گذري ٿو.

قديم ڀارت جو هڪ بادشاهه ”هَرش“، ستين صديءَ ۾ سنسڪرت زبان ۾ لکيل هڪ ناٽڪ ۾ ڏياريءَ بابت چوي ٿو: ”ڏياري اها آهي، جنهن ۾ ڏيئا ٻاريا وڃن ٿا ۽ جن جي شاديءَ جو سڱ طئي ٿيندو آهي، اهڙن جوڙن کي تحفا ڏنا وڃن ٿا.“ راج شيکر، نائين صديءَ ۾ پنهنجي ڪتابَ ”ڪا اويا ميما مسا“ ۾ ڏياريءَ کي ”ديپا ماليڪا“ لکي ٿو. ان ۾ هو لکي ٿو ته: ”اها مندَ آهي، جنهن ۾ گهرن جي صفائي ڪئي ويندي آهي، راتين جو ڏيئا ٻاريا ويندا آهن ۽ گهٽين، پاڙن ۽ بازارن کي روشن ڪيو ويندو آهي.“ فارسي سفير، ابو ريحان البيرونيءَ، يارهين صديءَ ۾ هندوستان جو سفر ڪيو ۽ هتان جي ڏياريءَ بابت لکيو: ”هندو پيروڪار، ڪَتيءَ جي مهيني جي نئين چنڊ جي رات ديوالي ملائين ٿا.“

هندومت جي فلسفي جي هڪ روايت موجب، دولت، مايا ۽ سوڀ ڏيندڙ مشھور ديوي ”لڪشميءَ“ جي پيدائش به انهيءَ ڏينهن ٿي هئي، ان ڪري ڏيارِيءَ جي ڏينهن، سج لهڻ کان پوءِ ”لڪشمي پوڄا“ جو خاص انتظام ڪيو ويندو آهي. ان شام، هن ديويءَ جي معجزن تي ويساهه رکندڙَ ماڻهو پنهنجن گهرن جا درَ کليل رکندا آهن. انهن جو يقين آهي ته لڪشمي ديوي سندن گهر ايندي ته سندن دولت ۾ واڌارو ٿيندو. ڏيارِيءَ کي شيطان (منفي خيالن)، ڪوڙ ۽ دوکي کان نجات ۽ سچَ، حقَ جي ڪاميابيءَ ۽ باطلَ جي شڪست جو ڏينهن پڻ سمجهيو ويندو آهي. انهيءَ ڏينهن ڀارت، نيپال، سري لنڪا، گيانا، ملائيشيا ۽ سنگاپور سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ عام موڪل ڏني ويندي آهي، جڏهن ته پاڪستان (خاص طور سنڌ) ۾ به انهيءَ ڏينهن هندو برادريءَ لاءِ سرڪار پاران عام موڪل جو اعلان ڪيو ويندو آهي. هن سال به ڪلهه ۽ اڄ (20 ۽ 21 آڪٽوبر) هندو برادريءَ لاءِ حڪومت پاران عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي.

دنيا جي مختلف ملڪن سان گڏوگڏ امريڪا ۾ به ديوالي وڏي ڌوم ڌام سان ملهائي ويندي آهي. امريڪا ۾ پهريون ڀيرو 2003ع ۾ ’وائيٽ هائوس‘ ۾ ڏيارِي ملهائي وئي، جڏهن ته 2009ع ۾ تڏهوڪي امريڪي صدر براڪ اوباما، وائيٽ هائوس ۾ ڏيارِيءَ جي تقريب جو پاڻ افتتاح ڪيو. 2007ع ۾ امريڪي ڪانگريس هن جشن کي ”امريڪا جي سرڪاري تهوارَ“ جو درجو (آفيشيل اسٽيٽس) ڏنو.

هندُومت ۾ ڏيارِيءَ جون تقريبون پنجن ڏينهن کان وٺي هفتي يا ڏهن ڏينهن تائين جاري رهنديون آهن. هن تهوارَ جون تياريون هڪ هفتو اڳ ئي شروع ٿي وينديون آهن ۽ ڏيارِيءَ کان ٻه ڏينهن اڳ ان جي باضابطه تقريبن جو سلسلو شروع ٿي ويندو آهي، جيڪو پنجن ڏينهن تائين جاري رهندو آهي. پهرين ڏينهن گهرَ، ڪاروباري مرڪزَ، آفيسون، دوڪانَ، ڳليون، اڱڻَ، ٻنيون ٻارا سڀ ڌوئي صاف ڪيا ويندا آهن ۽ انهن جڳهن کي سينگارڻ جو ڪم شروع ڪيو ويندو آهي ۽ لڪشمي ديويءَ جي پوڄا ڪئي ويندي آهي. ان دؤران لڳاتار ديپَ ٻاريا ويندا آهن. هندو فلسفي موجب اهو به سمجهيو ويندو آهي ته هي ڏينهن ’ڌنُونتريءَ‘ جي ڄمڻ جو ڏينهن به آهي، جيڪو هندو روايتن مطابق هڪ وڏو حڪيم پڻ هو. سندس ياد ۾ هي ”ڌنتيرس“ ملهايو ويندو آهي. هي ڏينهن خريد ۽ وڪري لاءِ به خاص طور مشهور آهي. هن ڏڻ تي پُوڄا ڪري ”پرساد“ ۾ مٺايون ورهايون وينديون آهن. ڏيارِيءَ جي ٻين ڏينهن کي ”نارڪ چتورٿي“ يا ”ننڍي ڏيارِي“ سڏيو ويندو آهي. ان ڏينهن رنگوليءَ سان گهر جي اڱڻ کي سينگاريو ويندو آهي. ”ڪولم ڏيارِيءَ “ جي انهن سينگارن ۾، فرشَ تي سهڻا خاڪا ٺاهڻ ۽ چائنٺُن توڙي گهر جي مُک دروازن جي سامهون سهڻن رنگن سان ڀريل نقش ٺاهڻ شامل هوندو آهي، جيڪي لڪشمي ديويءَ سميت گهر ايندڙ ٻين مهمانن جي آجيان لاءِ چِٽيا ويندا آهن. ان ڏينهن ننڍيون ننڍيون پوڄائُون پڻ ڪيون وينديون آهن، ۽ گهرن ۾ ناريون هٿن تي ميندي به هڻنديون آهن ۽ ڏيارِيءَ لاءِ مخصوص مٺا طعامَ پچائينديون آهن.

ڏيارِيءَ جو ٽيون ڏينهن، هن جشن جو اهم ۽ خاص ڏينهن سمجهيو ويندو آهي. ان ڏينهن نوان ڪپڙا پائڻ ضروري سمجهيو ويندو آهي. شام جو ڏيئا ٻارڻ ۽ رات جو ”لڇمي پوڄا“ سان گڏ ٻين ديوين ۽ ديوتائن جي پوڄا جو خاص اهتمام ڪيو ويندو آهي. هن پوڄا کانپوءِ ڦٽاڪا ٻارڻ ۽ خوشي ملهائڻ جو رواج آهي. ان ڏينهن مختلف قسمن جا ڦٽاڪا ۽ بارودي ڪرئڪرَ ان ويساهَه سان ٻاريا ويندا آهن، ته انهن جي روشنيءَ ۽ آوازَ سان هر قسم جا بد روحَ ڀڄي ويندا. ڦٽاڪا ٻارڻ کانپوءِ ماڻهو گهرن ۾ دعوتون ڪندا ۽ مٺايون ورهائيندا آهن. ڏيارِيءَ جو چوٿون ڏينهن ”پاڙوا“ سڏيو ويندو آهي. هي ڏينهن مڙس ۽ زال جي خوشحاليءَ لاءِ خاص دعا لاءِ مخصوص سمجهيو ويندو آهي. هن ڏينهن تي ورَ پنهنجين ونيُن کي سوکڙيون ڏيندا آهن، جڏهن ته زالون پنهنجن مڙسن جي سلامتيءَ لاءِ دعائون گهرنديون ۽ باسون باسينديون آهن. هن ڏينهن ڪرشن جي ياد ۾ ”گوورڌن پوڄا“ پڻ ڪئي ويندي آهي. پرڻيلَ ماڻهن لاءِ هي ڏينهن ”شُڀُ“ (ڀاڳن وارو) تصوّر ڪيو ويندو آهي.

ڏيارِيءَ جو پنجون ۽ آخري ڏينهن ”ڀائي دج“ يا ”ڀيا دوج“ سڏيو ويندو آهي. هي ڏينهن ڀيڻ ڀائرن لاءِ مخصوص آهي. هي تهوار ”رڪشا ٻنڌڻ“ وانگر ئي هوندو آهي. ان ڏينهن ڀائـرَ پنهنجين ڀينرن لاءِ ۽ ڀينرون پنهنجي ڀائرن لاءِ دعائون گُهرنديون ۽ باسون باسينديون آهن ۽ ڀائرَ ڀينر هڪٻئي کي سوکڙيون پاکڙيون ڏيندا آهن.

ڏيارِيءَ کي هندو ڌرم کانسواءِ جين مذهب ۽ ٻُڌ ڌرم ۾ به مرڪزي مذهبي اهميت حاصل آهي. جين مذهب وارا هن ڏينهن کي پنهنجي آخري يعني چوويهين (24 هين) تيرٿنڪر، ’سوامي مهاوير‘ جي جنم ڏينهن طور ملهائين ٿا، جيڪو هڪ روايت موجب 527 قبلِ مسيح ۾، 15 آڪٽوبر (اماس رات) تي ڄائو هو. جڏهن ته سِک مذهب وارا، پنهنجي ڇهين گروءَ ــ ’گرُو گوبند سنگهه‘ جي گواليار قلعي ۾ مغلن جي قيد مان آزادي حاصل ڪرڻ تي، هن ڏينهن امرتسر جي ’گولڊن ٽيمپل‘ ۾ ڏيئا ٻاري ڏيارِي ملهائيندا آهن. ٻُڌ مذهب سان لاڳاپيل ڀڪشُو (راهبَ) هن ڏينهن کي اشوڪا جي ٻُڌ ڌرم قبولڻ جي ڏينهن يعني ’اشوڪ وجي دشميءَ‘ طور ملهائيندا آهن ۽ ان ڏينهن مهاتما گوتم ٻُڌَ جي پوڄا (عبادت) ڪندا آهن. جنهنکي هُو پيغمبر جو درجو ڏين ٿا.

جيئن ته اڳ ۾ به ذڪر ٿيو آهي ته ڏياري، اماس رات دؤران ملهائي ويندي آهي. ان ٻاٽ رات ۾ ڏيئا ٻاري، هيءَ روشنين جي عيد ملهائي ويندي آهي. يعني هيءَ عيدَ گُهگهه اونداهه ۾ حق جي سوجهري ڦهلجڻ جي علامت طور ملهائي ويندي آهي. جذباتي طور تي ڏياري، سموري ڪٽنب ۽ دوستن عزيزن کي گڏ ڪري ٿي ۽ ايڪتا جو پيغام ڏئي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.