آپگهات، سبب ۽ ڪجهه تجويزون

تحرير: سُورِھُ سنڌي بنگلاديش

آپگهات هڪ ڪيفيت آهي جيڪا ڪڏهن به ڪنهن به گهڙيءَ ڪنهن تي به طاري ٿي سگهي ٿي، خاص ڪري انهن تي جيڪي هميشه ٻڏتر جو شڪار رهن ٿا، جن وٽ حياتيءَ جو ڪو خاص ڪارج نه آهي، ڪو مقصد ڪا منزل يا منزل طرف ويندڙ ڪو رستو يا پيچرو نه آهي، اهڙن ماڻهن تي آپگهاتي ڪيفيت سولائيءَ سان حاوي ٿي سگهي ٿي.

اڄوڪي دور ۾ جڏهن جديد ٽيڪنالوجي خاص طور سمارٽ فون انسان کان جيئڻ جو ڍنگ، ياريون باشيون، راند ورُوند، مٽيون مائٽيون، ڪچهريون، اوطاقون، لکڻ پڙهڻ (پوءِ ڀلا اهي هڪ ٻئي ڏي خط يا چٺيون لکڻ ئي ڇونه هجن)، چانڊوڪي راتيون، سير سفر سڀ جو سڀ ڦُري ورتا آهن ۽ ماڻهو ويچارو ماڻهپو ڇڏي ويڳاڻو بڻجي ورتي ٿو ڌڪا ٿاٻا کائيندو ۽ پنهنجي هيڪلائيءَ جي وندر کي موبائل فون جي اسڪرين تي يا ان جي بٽڻن ۾ ڳولهيندي وڃي ٿو ويتر به وڌيڪ هيڪلو ٿيندو.

اهڙي صورتحال ۾ اهي ماڻهو اڃا به وڌيڪ ٿا ڀوڳين جيڪي اُلٽي اک وارا يا لوڪ وهي لنهوارو تون اُوچو وڃ اوڀار وارا آهن. انهن کي جڏهن ڪو گس يا واٽ نه ٿي ملي ۽ ڪو چٽو مقصد به وٽن نه آهي ته پوءِ جلد ئي ڊپريشن جو شڪار ٿين ٿا. ڊپريشن جو شڪار ماڻهو ئي آپگهاتي ديو جي پسنديده خوراڪ آهن.

جتي اولھه جي تعليم اسان کان اسان جون ريتون رسمون ۽ خاندان کسي نه سگهي، جتي صدين جي غلامي اسان جي حوصلن کي پست ڪري هيڻو ۽ اڪيلو ڪري نه سگهي اتي موبائل ۽ جديد ٽيڪنالاجيءَ جو منفي ڪتب آڻڻ يا ان طرف حد کان وڌيڪ لاڙي ماڻهوءَ مان ماڻهپو کسي کيس هيڪلو بڻائي ڇڏيو آهي. هاڻي ماڻهو سماجي جانور واري رتبي کان به تمام گهڻو هيٺ ڪري چڪو آهي جنهن جو مثال توهان کي اوچتو ٿيندڙ حادثن مان ملندو جتي حادثي جو شڪار بڻجڻ ڌُر جا سهڪاري گهٽ پر موبائل سان وڊيو يا تصويرون ٺاهيندڙ وڌيڪ ملندا.

اهڙي صورت ۾ جتي اڄ جي پيڙهيءَ کي پيءُ ماءُ، سنگت ساٿ، ڪٽنب ڪهول توڙي سماج جي تمام گهڻي گهرج آهي ان گهڙيءَ اسان کيس هيڪلو موبائل جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي جيڪا کيس چڙ، تريءَ تي بهشت، هيڪلائي، هر مرض توڙي مامري جو علاج پنهنجي آس پاس واري ماحول مان ڳولهڻ بدران انٽرنيٽ، چيٽ جي پي ٽي توڙي ٻين اي آءِ جي ٽُولس ۾ تڦولي ٿو. جتي کيس کوڙ سارا فلسفا ملن ٿا جن جو سُٽُ اسان جي ديسي ماحول موجب بلڪل ناهي. لازمي ناهي ته اولھه وارا سڀ فلسفي ۽ فلسفا سنڌ جي حالتن جو ائين ئي درمان ڪري سگهن جيئن اولھه جي فردن، خاندانن، قبيلن، گروهن، سماجن يا قومن جو ڪندا هجن. جتي جو مرض آهي دارون به اتي ئي ٿيندو. سو اسين پنهنجي درد جو دارون آس پاس نه ڳولهي پنهنجو سُٽُ ويتر به منجهائي ويهي ٿا رهون.

مٿان وري اسان جي دانش کي شل نه ڪو موقعو ملي! علامه آءِ آءِ قاضي هجي يا ماڻڪ، ماٺيڻو اوٺو هجي يا عرفان مهدي! آپگهات کي اهڙو ته شبدن سان رڪس ڪرائي رومانوي انداز ۾ پيش ڪندا جو مون جهڙي جي دل به پئي ٽپا ڏيندي ته جيڪر آپگهات ڪجي! يار ائين نه ڪيو. آپگهات ڪنهن به صورت ۾ هاڪاري عمل ناهي هي نسورو ناڪاري آهي پوءِ ڀلي اهو علامه آءِ آءِ قاضي ئي ڇونه ڪري! ماڻڪ ۽ عرفان مهدي ئي ڇونه ڪري! ناڪاري عملن جي ندا ٿيڻ گهرجي ۽ گڏوگڏ سببن تي ويچارڻ گهرجي. ياري باشي ۽ بهترين خانداني جوڙجڪ، هڪ ٻئي کي دل کولي ٻُڌڻ، هر ماڻهوءَ کي ڳالهائڻ حال اورڻ جو ڀرپور موقعو ڏيڻ، سندس الجهيل سٽ کي سلجهائڻ ۾ سهڪار ڪرڻ ئي اهڙا هاڪاري رويا آهن جن سان ناڪاري روين کي نيڪالي ملي سگهي ٿي. منزلن جو، ڊگهي مدي واريون منزلون ۽ ٿوري مدي وارين منزلن جي چونڊ ۽ حوصلو زندگيءَ ۾ جوت پيدا ڪن ٿا. پنهنجي ٻارڙن جا يار بڻجو کين اڪيلائيءَ بدران کين پاڻ سان ڳنڍي هلايو، ڳالھه ڳالھه تي کين ڇڙٻڻ بدران سندن هاڪاري عملن جو دل کولي داد ڏيڻ سان سندن زندگيءَ ۾ اڳتي وڌڻ جو جذبو پيدا ٿيندو.

عرفان مهديءَ جي اوچتي وڇوڙي مون سميت سموري قومي تحريڪ جي ساٿين کي ڇرڪائي ڇڏيو هو. سائين جيئيم سميت اسين سڀ اهڙي سوڳ ۾ هياسين جنهن جي ڪا پڄاڻي ڏسڻ ۾ نه پئي آئي. پر ان وقت انب گوپانگ ۽ ٻين پاران ساڳي ڪار روا رکندي آپگهاتي عمل کي اهڙو ته رومانوي انداز سان پيش ڪيو جو …. عرفان مهديءَ جنهن سان سن، حيدرآباد، ڪراچيءَ ۾ ڪيتريون راتيون ڪچهري ڪندي گذريون. جنهن سان، جڏهن هو سڪندر ميراڻيءَ سان گڏجي سکر جيل ملڻ ايندو هو، سائين جيئيم توڙي بغاوت ڪيس ۾ گرفتار مون سميت جيئي سنڌ جي سموري قيادت لاءِ هلندڙ جيل ڀريو تحريڪ بابت ڪافي دليل بازي ٿيندي هئي، بابت سندس وڇوڙي تي لکڻ جو ڪو خيال نه هو ۽ نه ئي وري لکڻ جي همت هئي پر اخبارن ۾ سنڌ جي دانش جهڙي ريت سندس آپگهاتي عمل ۾ هروڀرو جو رومانس ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي ته مون ان جي جواب ۾ ڪاڳر ڪارا ڪري عوامي آواز کي اماڻيو هو بعد ۾ اهو ليک منصور قادر جوڻيجي پاران عرفان مهديءَ بابت ترتيب ڏنل ڪتاب ۾ پڻ شامل ڪيو ويو پر منصور قادر ان مان ڪجهه شيون ڪڍي ورتيون خاص طور تي آخري پيرا. مون ان ليک ۾ عرفان مهديءَ جي آپگهات جي سببن تي پنهنجي ڄاڻ جي حساب سان لکڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. مونکي اڄ به سندس آپگهات جا ساڳيا ئي سبب نظر اچن ٿا جن جا پيرا کڻجن ته هوند سٽ سلجهي پوي. ڪجهه ساٿين عرفان جي آپگهات کي عشق ۾ ناڪامي سڏيو مان ان راءِ جو حامي نه آهيان.

  هتي بس سنڌ جي دانش کي وينتي آهي ته ٻيلي ناڪاري عمل جي ندا سان گڏ ان جي سببن کي هٿي ڏيڻ بدران اها ڪارڻ ڳولهي ختم ڪيا وڃڻ. زندگي جهڙي به آهي پر موت کان لکين ڀيرا بهتر آهي ۽ جيڪڏهن ڪو ڏيئو ٻاري وڃڻ ۾ ڪو سڦلتا ماڻي ٿو ته سندس موت به زندگي بڻجي پوي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.