ڪڻڪ جي نئين پاليسي، آبادگارن جا مسئلا ۽ خوراڪ جي تحفظ جو سوال

تحرير: رحمت الله ٻرڙو

زراعت اسانجي ملڪ جو اھم شعبو آھي،جنھن جي اھميت ۽ حقيقت کي رد نٿو ڪري سگھجي.قومي حڪمرانن جي قومي پاليسيون ھميشھ سواءِ رياست بچايو مھم جي يڪسر ۽ يڪجھتي واريون ناھن رھيون. تازو سنڌ حڪومت بينظير ھاري ڪارڊ کان پوءِ ڪڻڪ پوکائي ۾ آبادگارن جي مدد ۽ سھڪار لاءِ 55.9 ارب جي ڊي اي پي ۽ يوريا جي مد ۾ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آھي.اھي ءِ ٻيو زرعي سڌارن لاءِ ڪوششون پنھنجي جاءِ تي بھتر عمل آھن. گذريل نئين 2025 ۽ 2026 ڪڻڪ پاليسي جو وفاقي حڪومت اعلان ڪيو آھي. ڪڻڪ، جيڪا ملڪ جي خوراڪ جي سلامتيءِ جو مرڪز آهي،اڄ وري به قومي بحث جو محور بڻجي وئي آهي.وفاقي حڪومت ايندڙ فصل لاءِ ڪڻڪ جو امدادي اگهه في مڻ 3500 رپيا مقرر ڪيو آهي،جڏهن ته سنڌ حڪومت 4200 رپين جو مطالبو رکندي خبردار ڪيو هو ته وڌندڙ زرعي خرچن جي ڪري پوکائيءِ جو بار آبادگار نه کڻي سگهندا.پر وفاقي پاليسي انهيءِ تجويز کي رد ڪندي هڪ اهڙو فيصليو ڪيو آهي جيڪو نه رڳو آبادگار،پر عام صارف لاءِ به نئين بحث جو در کولي ٿو.هن وقت ڊي اي پي، يوريا، ڊيزل ۽ پئٽرول جي قيمتن ۾ اضافو آبادگارن لاءِ وڏي آزمائش بڻيل آهي.هڪ ايڪڙ زمين تي ڪڻڪ پوکڻ جو خرچ گذريل ٻن سالن جي ڀيٽ ۾ لڳ ڀڳ ٻيڻو ٿي چڪو آهي.

اهڙي صورتحال ۾ 3500 رپين في مڻ جو اگهه عملي طور تي آبادگار لاءِ نقصان جو سودو بڻجي سگهي ٿو. سنڌ حڪومت، جيڪا زرعي معيشت کي بچائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي،55.9 ارب رپين جي سبسڊي ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي ته جيئن ڊي اي پي ۽ يوريا جي قيمت ۾ رليف ملي.اهو قدم قابلِ تعريف آهي،پر سوال اهو آهي ته ڇا اها سبسڊي هر حقيقي هاري تائين پهچندي يا وچ وارا نفعو وٺندا؟ٻئي پاسي آئي ايم ايف جون شرطون ۽ زرعي شعبي تي لاڳو ٿيندڙ ٽيڪسن جا نوان ضابطا به صورتحال کي پيچيده بڻائي رهيا آهن. جڏهن عالمي منڊيءِ ۾ خوراڪ جون قيمتون غير مستحڪم آهن، تڏهن ملڪ جي اندر زرعي پاليسين کي ماڻهن جي خوراڪ جي تحفظ سان جوڙڻ لازمي آهي.اسان جي حڪومتن کي اهو سمجهڻ گهرجي ته ڪڻڪ صرف هڪ معاشي پيداوار ناهي،پر اها قومي سلامتيءِ جو اهم ستون آهي.جيڪڏهن آبادگار کي منافعو نه ملندو ته پوکائي گهٽ ٿيندي،۽ پوءِ ملڪ کي خوراڪ جي کوٽ،مهانگائي ۽ درآمد تي انحصار جي صورت ۾ وڏا خطرا پيش ايندا.انهيءِ پسمنظر ۾ ضروري آهي ته وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ زرعي پاليسين تي باقاعده هم آهنگي پيدا ڪئي وڃي.آبادگارن لاءِ پيداواري لاڳت موجب امدادي اگهه طئي ڪيو وڃي،سبسڊيءِ جي ورڇ شفاف طريقي سان ڪئي وڃي، ۽ آبي وسيلن،ٻج،۽ مارڪيٽ تائين رسائيءِ جا مسئلا حل ڪيا وڃن.ڪڻڪ پاليسيءِ جو اصل مقصد تڏهن ڪامياب ٿيندو جڏهن آبادگار خوشحال،صارف مطمئن،۽ ملڪ خوراڪ جي لحاظ کان محفوظ هوندو.رياست کي پنهنجي خوراڪ جي سلامتيءِ کي سياسي فيصلا نه،پر قومي بقا جي اصولن تي قائم رکڻو پوندو.

آبادگار جي پيداواري لاڳت مطابق امدادي اگهه مقرر ڪيو وڃي.سبسڊي جي شفاف ورڇ ۽ مانيٽرنگ نظام قائم ڪيو وڃي.آبي وسيلن، معياري بيج، ۽ مارڪيٽ تائين رسائيءِ جا مسئلا حل ڪيا وڃن.زرعي شعبي کي خوراڪ جي تحفظ واري قومي پاليسيءِ جو حصو بڻايو وڃي. وفاق کي کپي ته سنڌ صوبو ڪافي معاملن ۾ پوئتي پيل آھي.خصوصن وڏن عوامي منصوبن ۽ خصوصي طور زراعت ۽ آبپاشي واري معاملن تي وفاقي حڪومت کي قومي بجيٽ ۾ مناسب حصو وقت سر ڏيڻ کپي.ھن وقت  به ڪڻڪ پوکائيءِ لاءِ آبادگارن کي جيڪو سبسڊي پروگرام رٿيو آھي سو پڻ پنھنجي جاءِ تي ساراھ جوڳو عمل آھي.پر ڊي اي پي ۽ يوريا ڏيڻ لاءِ جيڪا پاليسي اختيار ڪئي وئي ھئي جنھن جو اشتھار  به ڊي جي ايگريڪلچر ايڪسٽينشن ڏنو ھو. خبر پئي آھي ته حڪومت آبادگارن کي ڊي اي پي ۽ يوريا جي مد ۾ پئسا ڏيڻ چاھي ٿي.دير سا وقت سر بھر حال پئسا ملي سگھن ٿا. باقي ڊي اي پي ڏيڻ ۽ ان کي ورھائڻ ۽ مانيٽر ڪرڻ جنھن ۾ وقت سر شفافيت  به ھجي سو پڻ غور طلب معاملو ڏسڻ وٽان اچي پيو.اميد ٿي ڪجي ته سنڌ حڪومت ھارين ۽. آبادگارن سان جيترو ٿي سگھي زرعي پاليسي 2018 ٽو 2030 تحت سھڪاري رھندي. جنھن سان سنڌ جي زراعت بھتر کان بھتر ڪري سگھجي ۽ آبادگار کي  به ڪڻڪ ۽ ٻين زرعي جنسن  جي پوکائي بھتر کان بھتر ٿي سگھي.وفاقي حڪومت کي  به قومي پسمنظر رکندڙ پاليسين ۾ صوبن جي ضرورتن ۽ حالتن مطابق  ڏسڻ کپي.ته جيئن صوبن جي گھرجن، ادارن ۽ عوامي ضرورتن جو وقت سر پورائو ڪري سگھجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.