ڀارتي فوجن جي غير معمولي هم آهنگي پاڪستان کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو: مودي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي چيو آهي ته ڀارت جي ٽنهي فوجن وچ ۾ غير معمولي هم آهنگي آپريشن سندور دوران پاڪستان کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.
اهڙن خيالن جو اظهار هن ڀارتي بحريا جي جهاز آءِ اين ايس وڪرانت تي خطاب دوران ڪيو، جتي هو ان جي عملي سان گڏ ڏياري جو تهوار ملهائي رهيو هو.
نريندر مودي چيو ته ڀارتي بحريا جي پيدا ڪيل خوف، فضائيا جي غير معمولي مهارت، بري فوج جي بهادري پاڪستان کي تمام جلد گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪيو.
هن چيو ڪجهه مهينا اڳ ئي اسان ڏٺو ته وڪرانت جي رڳو نالي سان ئي پاڪستان خوف کائي ويو، اهو هڪ اهڙو نالو آهي جيڪو جنگ شروع ٿيڻ کان اڳ ئي دشمن جا حوصلا خطا ڪري ڇڏيندو آهي، اها آهي آءِ اين ايس وڪرانت جي قوت.
سندس چوڻ هو ته اهي جهاز لوهه سان ٺهيل آهن پر جڏهن اسان جا فوجي انهن تي سوار ٿيندا آهن ته اهي زندهه، ساهه کڻندڙ طاقت بڻجي ويندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.