گلگت(ويب ڊيسڪ) گلگت بلتستان اسيمبلي جي چونڊن لاءِ پولنگ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن جو سلسلو جاري آهي، هينئر تائين پاڪستان پيپلز پارٽي سڀ کان وڌيڪ 9 سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي.
گلگت بلتستان اسيمبلي جي چونڊن لاءِ آچر ڏينهن مختلف پولنگ اسٽيشنن تي صبح کان ئي ووٽرن جو وڏو رش ڏسڻ ۾ آئي ۽ ماڻهو ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ ڊگهين قطارن ۾ بيٺا رهيا، پولنگ بنا ڪنهن وقفي جي شام 5 وڳي تائين جاري رهي.
پولنگ ختم ٿيڻ کانپوءِ غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن جو سلسلو جاري آهي.
هينئر تائين 24 مان 19 سيٽن جي مڪمل غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب، پاڪستان پيپلز پارٽي 9، آزاد اميدوار 6، مسلم ليگ (ن) 3 ۽ مجلس وحدت المسلمين هڪ سيٽ حاصل ڪري ورتي آهي.
گلگت بلتستان اسيمبلي جي تڪن جي بي اي 1، 4، 5، 7، 9، 10، 11، 12 ۽ 19 تي پيپلز پارٽي ڪامياب ٿي، جڏهن ته جي بي اي 20، 22 ۽ 18 تي مسلم ليگ (ن)، جي بي اي 8 تي مجلس وحدت المسلمين ڪامياب ٿي، جڏهن ته جي بي اي 3، 23، 24، 21، 6 ۽ 16 تي آزاد اميدوار سوڀارا رهيا.
You might also like