ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ حنا پرويز بٽ ڳائڻي فلڪ شبير کي وڏي وزير کان ڪپڙن بابت قانون سازي ڪرڻ تي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.
ان موقعي تي ميڊيا رپورٽس موجب حنا پرويز بٽ سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته خبر ناهي فلڪ شبير جهڙن ماڻهن جو ذهن ڪڏهن عورتن جي ڪپڙن مان نڪرندو.
هن وڌيڪ لکيو ته جيڪڏهن توهان ڪڏهن ترڪي جي استنبول ويا هجو ته اتي عورتن جي لباس تي ڪا به ڳالهه نه ٿيندي، جڏهن ته هتي پاڪستان ۾ هر ڪنهن کي جيڪو دل ۾ اچي سو سوشل ميڊيا تي اچي ڳالهائڻ شروع ڪري ٿو، اهڙي ذهنيت سبب پاڪستان اڳتي نٿو وڌي سگهي.
حنا پرويز بٽ اهو به چيو ته خدارا پنهنجي ڪم سان ڪم رکڻ شروع ڪيو وڃي ته اهو سماج لاءِ وڏي خدمت هوندي.