سماج ۾ اهو تسليم ڪيو وڃي ته شادي ناڪام به ٿيندي آهي: ثانيا سعيد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينئر پاڪستاني اداڪارا ثانيا سعيد شادي، سمجھوتي ۽ جذباتي استحصال بابت پنهنجا خيال ظاهر ڪندي سماج ۾ رائج روايتي تصورن تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن.

ميڊيا رپورٽ موجب هڪ خانگي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ثانيا سعيد چيو ته اسان جي معاشري ۾ اڪثر اهو تصور موجود آهي ته ڪامياب شادي اها آهي جنهن ۾ انسان هر حال ۾ سمجھوتو ڪندو رهي ۽ پنهنجي خوشي قربان ڪندو رهي، پر هن سوچ تي ٻيهر غور ڪرڻ جي ضرورت آهي.

اداڪارا موجب ڪو به مرد يا عورت شادي هن نيت سان نٿو ڪري ته گهر برباد ٿئي يا رشتو ناڪام ٿي وڃي، پر ڪڏهن ڪڏهن رشتن جو ڍانچو اهڙو هوندو آهي جو مردن کي عورتن جي مقابلي ۾ وڌيڪ آزادي حاصل هوندي آهي. ثانيا سعيد چيو ته مرد عام طور تي پنهنجي ڪاوڙ جي اظهار لاءِ مختلف طريقا اختيار ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته ڪڏهن ڪڏهن جهيڙن دوران جذباتي دٻاءُ، مسلسل طعنا يا “گيَس لائيٽنگ” جهڙا رويا به اختيار ڪيا ويندا آهن. ڪجهه مرد گهر کان ٻاهر نڪري پاڻ کي عارضي طور پرسڪون ڪري وٺندا آهن، پر عورتن وٽ اڪثر اهڙا موقعا موجود ناهن هوندا.

هن نشاندهي ڪئي ته گهڻيون عورتون مالي انحصار، ٻارن جي ذميوارين، جذباتي دٻاءُ ۽ سماجي اميدن سبب خاموش رهڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿيون، جنهن سان انهن جون ڏکيائيون وڌيڪ وڌي وڃن ٿيون. ثانيا سعيد جو چوڻ هو ته اسان جي سماج ۾ ڪيترائي جوڙا شادي کان اڳ هڪ ٻئي کي گهري طرح سمجهڻ جو مناسب موقعو نٿا وٺن، جنهن سبب پوءِ رشتن ۾ پيدا ٿيندڙ مسئلن سان منهن ڏيڻ وڌيڪ ڏکيو ٿي وڃي ٿو.

واضح رهي ته ثانيا سعيد پاڪستان جي انهن اداڪارائن مان آهي جن ٽيليويزن، ٿيٽر ۽ فلم ۾ پنهنجي منفرد اداڪاري سان سڃاڻپ بڻائي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.