فلڪ شبير جي ميوزڪ وڊيو ۾ پهريل لباس ۾ پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪيم: عليزي شاهه

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا عليزي شاهه چيو آهي ته فلڪ شبير جي ميوزڪ وڊيو ۾ ڪپڙن جي ڪري پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪيو .

اداڪارا عليزه شاهه ڳائڻي فلڪ شبير ۽ سندس گهرواري اداڪارا سارا خان بابت دعوا ڪيا آهن، جنهن کان پوءِ سوشل ميڊيا تي نئون بحث شروع ٿي ويو.

ميڊيا رپورٽ موجب هي معاملو تڏهن سامهون آيو جڏهن فلڪ شبير جي عورتن جي لباس بابت تازي بيان تي تنقيد ٿي رهي هئي. فلڪ شبير هڪ بيان ۾ مطالبو ڪيو هو ته عورتن جي مختصر يا جسم نمايان ڪندڙ ڪپڙن تي پابندي لڳائي وڃي، جنهن جو سبب هن پنهنجي ڌيئرن جي پرورش ۽ سماجي اثرن کي قرار ڏنو هو. ان تي ردعمل ڏيندي عليزي شاهه پنهنجي ماضي جي تجربي جو حوالو ڏيندي دعوا ڪئي ته هن فلڪ شبير جي ميوزڪ وڊيو ۾ ڪم ڪيو هو، جتي کيس اهڙا ڪپڙا پائڻ لاءِ چيو ويو جن ۾ هوءَ پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪري رهي هئي.

عليزي شاهه موجب وڊيو ۾ نظر ايندڙ ڪپڙن جي اسٽائلنگ سارا خان ڪئي هئي. هن اها به دعوا ڪئي ته وڊيو ۾ ڪجهه رومانوي مناظرن بابت هن اعتراض ڪيو هو ۽ انهن کي گهٽ ڪرڻ جي درخواست به ڪئي هئي. اداڪارا جو چوڻ هو ته اڄ عورتن جي ڪپڙن تي پابندي جي ڳالهه ڪرڻ ۽ ماضي ۾ مختلف اندازن ۽ منظرن جو حصو هجڻ هڪ تضاد محسوس ٿئي ٿو.

رپورٽ موجب عليزي شاهه جي انهن دعوائن کان پوءِ سوشل ميڊيا تي مختلف رايا سامهون اچي رهيا آهن. ڪجهه واهپيدار فلڪ شبير تي ٻٽو معيار رکڻ جو الزام هڻي رهيا آهن، جڏهن ته ڪجهه جو چوڻ آهي ته ڪنهن به نتيجي تي پهچڻ کان اڳ سڀني ڌرين جو موقف سامهون اچڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.