اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بجيٽ 27-2026 ۾ پگهاردار طبقي لاءِ انڪم ٽيڪس جي شرح ۾ گهٽتائي جي تجويز سامهون آئي آهي، جنهن تحت 2 کان 3 لک رپيا ماهوار ڪمائيندڙن کي رليف ملڻ جو امڪان آهي.
عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) پاڪستان جي تجويز ڪيل ٽيڪس رليف پيڪيج جو دائرو محدود ڪرائي ڇڏيو آهي.
عالمي اداري ڪاروباري شعبن ۽ ٻين ڪيترن ئي سيڪٽرز کي ٽيڪس ۾ ڪنهن به قسم جي وڏي رليف ڏيڻ جي سخت مخالفت ڪئي آهي، جنهن کانپوءِ حڪومت هاڻ پنهنجو سمورو ڌيان رڳو پگهاردار طبقي کي رليف ڏيڻ تي کُپائڻ تي مجبور ٿي وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ٽيڪس رليف جون مختلف تجويزون تيار ڪري وزيراعظم کي جائزي لاءِ موڪلي ڇڏيون آهن.
ڄاڻايل تجويزن ۾ ماهوار 2 لک کان 3 لک رپيا ڪمائيندڙ پگهاردار ماڻهن لاءِ انڪم ٽيڪس جي شرح ۾ گهٽتائي جي تجويز ڏني وئي آهي.
ان فيصلي سان ملڪ جي اٽڪل 5 لک 50 هزار رجسٽرڊ ٽيڪس ڏيندڙن کي سڌو سنئون فائدو پهچندو.
ان کانسواءِ وڌيڪ پگهار کڻندڙ طبقي لاءِ به ٽيڪس جي حد ۽ شرح ۾ تبديليون غور هيٺ آهن.
پگهاردار طبقي کانسواءِ ناڻي واري وزارت ۽ ايف بي آر ڪجهه ٻين اهم ٽيڪسن تي به غور ڪري رهيا آهن، جن جي منظوري آءِ ايم ايف سان مشروط هوندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم طرفان انهن تجويزن جي منظوريءَ کانپوءِ ناڻي واري وزارت جي ٽيم 10 جون کان اڳ انهن تي آءِ ايم ايف کي اعتماد ۾ وٺندي ۽ انهن جي باظابطا منظوري حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي.
هن رليف پيڪيج جو حتمي فيصلو ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ آءِ ايم ايف سان ڳالهين جي خاتمي تي ئي ٿيندو.
You might also like