ممبئي(ويب ڊيسڪ)سپر هٽ بالي ووڊ فلم ‘نو انٽري’ جو سيڪوئل تيار، هدايتڪار تصديق ڪري ڇڏي.
ڀارت جي نامور هدايتڪار انيس بزمي سپر هٽ بالي ووڊ فلم ‘نو انٽري’ جي سيڪوئل ٺاهڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب گذريل ڪيترن ئي عرصي کان فلم جي سيڪوئل بابت مختلف افواهون هلي رهيون آهن، جن جي هاڻي هدايتڪار پاڻ تصديق ڪئي آهي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب هدايتڪار ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ڪجهه فلمون جلدي ٺهي وڃن ٿيون ۽ ڪجهه کي وقت لڳي ٿو، پر اهو مطلب ناهي ته اهي نٿيون ٺهن. اسان جي پوري ڪوشش آهي ته ‘نو انٽري 2’ ضرور ٺهي.
انيس بزمي چيو ته هي فلم منهنجي ڪيريئر جي بهترين فلمن مان هڪ آهي ۽ مون کي تمام گهڻي عزيز آهي.
واضح رهي ته فلم ‘نو انٽري’ آگسٽ 2005 ۾ رليز ٿي هئي، جنهن ۾ ڪيترن ئي مشهور اداڪارن شاندار اداڪاري ڪئي هئي. هن فلم ۾ سلمان خان، انيل ڪپور، فردين خان، لارا دتا ۽ بپاشا باسو مرڪزي ڪردارن ۾ نظر آيا هئا.