پاڪستان هڪ خودمختيار ۽ جمهوري رياست آهي، نوآبادياتي دور جي سوچ وارا پنهنجي حد ۾ رهن: پرڏيهي کاتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان برطانيا ۾ رهندڙ ڪجهه پناهگيرن جي آزاد ڪشمير بابت غير ذميواراڻن بيانن تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي کين ملڪي اندروني معاملن ۾ مداخلت کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير بابت غير ضروري رمارڪس رد ڪري ٿو ۽ انهن ماڻهن کي صلاح ڏئي ٿو ته اهي پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ڪن، پر پنهنجي ملڪ جي هڪاري ترقي ۾ ڪردار ادا ڪن.
ترجمان چيو ته پاڪستان ڪجهه برطانوي پارليامينٽ ميمبرن جي غير ضروري بيانن ۽ سوالن جو به نوٽيس ورتو آهي، اهي بيان ان مسئلي جي تاريخي پس منظر کان اڻڄاڻائيءَ جو عڪس آهن.
نوآبادياتي دور جي سوچ رکندڙن کي اهو ياد ڏيارڻ ضروري آهي ته پاڪستان هڪ خودمختيار ۽ جمهوري رياست آهي، پاڪستان ٻين ملڪن جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ڪرڻ واري اصول تي يقين رکي ٿو ۽ ٻين مان به اهڙي ئي رويي جي اميد رکي ٿو.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب، پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير جون حڪومتون شهرين جي پرامن گڏجاڻين جو احترام ڪن ٿيون ۽ اظهار جي آزادي ۽ جمهوري عمل ۾ شموليت جي آئيني حقن کي مڪمل تسليم ڪن ٿيون، پر ڀڃ ڊاهه ڪرڻ، عوامي خدمتن خاص طور تي اسپتالن کي نقصان پهچائڻ ڪنهن به صورت ۾ قبول ڪرڻ جوڳو عمل ناهي ۽ نه ئي بي گناهه شهرين يا قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن جو قتل قابل قبول آهي.
ترجمان مطالبو ڪيو ته برطانوي حڪومت پابندي مڙهيل تنظيمن جي حمايت ڪندڙن کي روڪي ۽ کين هدايت ڪري ته هو جمهوري عمل، عدالتي فيصلن ۽ قانون جي حڪمراني جو احترام ڪن، آزاد ڪشمير ۽ پاڪستان جو آئين جمهوري قدرن، عدالتي فيصلن ۽ قانون جي بالادستيءَ جي ضمانت ڏئي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.