گلگت چونڊون:جيالئو توهان کي مبارڪون، پيپلز پارٽي سڀ کان وڏي جماعت بڻجي اُڀري رهي آهي: بلاول ڀٽو

اسڪردو (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ سرسي حاصل ڪرڻ تي پارٽي جيالن کي مبارڪباد ڏني آهي.
پنهنجي بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي سڀ کان وڏي جماعت بڻجي اڀري رهي آهي ۽ اسان گلگت بلتستان ۾ حڪومت ٺاهڻ جي مڪمل ڪوشش ڪنداسين.
ان موقعي تي پيپلز پارٽي جي نائب صدر شيري رحمان فتح تي آصفه ڀٽو ۽ بلاول ڀٽو زرداري کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته گلگت بلتستان جي عوام ترقي، جمهوريت ۽ خدمت جي ايجنڊا کي ووٽ ڏنو آهي.
ٻئي پاسي پيپلز پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪيو ته چونڊن جا سمورا نتيجا جلد کان جلد جاري ڪيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.