لنڊن (ويب ڊيسڪ) آرچ بشپ آف ڪينٽربري مذهبي عالم محمد طاهر محمود اشرفي کي ڏنل اعزاز واپس وٺي ڇڏيو آهي، جيڪو کيس بين المذاهب هم آهنگي ۽ مفاهمت کي هٿي ڏيڻ جي اعتراف ۾ گذريل هفتي ڏنو ويو هو.
حافظ طاهر اشرفي کي اهو اعزاز ڊيم سارا مليلي 11 سيپٽمبر 2001ع جي حملن جي 25هين ورسي جي موقعي تي ٿيل هڪ تقريب دوران ڏنو هو.
پر ان کانپوءِ ليمبٿ پئلس کي ان وقت سخت تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو، جڏهن 2007ع وارن انهن بيانن ڏانهن ڌيان ڇڪايو ويو، جن ۾ طاهر اشرفي القاعدا جي باني اسامه بن لادن کي ”روس، آمريڪا ۽ برطانيا خلاف اسلام لاءِ وڙهندڙ مجاهد“ قرار ڏنو هو.
رپورٽن موجب، طاهر اشرفي اهو پڻ چيو هو ته هو بن لادن کي ”سيف الله“ يعني ”الله جي تلوار“ جو لقب ڏيڻ چاهيندو.
ان ڏس ۾ حافظ طاهر اشرفي برطانوي ميڊيا سان ڳالهائيندي موقف اختيار ڪيو ته سندس بيانن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو ۽ سندس خلاف ردعمل غير منصفاڻي مهم جو حصو آهي.
طاهر اشرفي گهڻي ڀاڱي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي سرگرم رهندو آهي، جنهن سبب ڪيترن ئي تڪرارن ۾ سندس نالو سامهون ايندو رهيو آهي. ماضيءَ ۾ سندس اسلامي نظرياتي ڪائونسل ۾ جهيڙي جون خبرون به سامهون آيون هيون.
سعودي عرب جي حڪمرانن سان پڻ سندس سرگرم لاڳاپا رهيا آهن، ان کانسواءِ سندس سوشل ميڊيا تي پاڪستان ۽ سعودي عرب جي لاڳاپن بابت عربي ۾ پوسٽون ۽ ٽوئيٽ به وڏي انگ ۾ ملن ٿيون.
هاڻي ليمبٿ پئلس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ”طاهر اشرفي جا ڪجهه اهڙا تبصرا سامهون آيا آهن، جنهن کانپوءِ اسان کي هن اعزاز تي نظرثاني ڪرڻي پئي ۽ هاڻي اسان تصديق ڪريون ٿا ته اهو اعزاز واپس ورتو ويو آهي.“
ياد رهي ته 11 سيپٽمبر 2001ع جي حملن ۾ لڳ ڀڳ 3 هزار ماڻهو مارجي ويا هئا ۽ اسامه بن لادن کي انهن حملن جو مُک منصوبه ساز سمجهيو وڃي ٿو.
You might also like