مانَو سوٽهڙ افغان بيٽرن جا ڌاڻا ڪڍي ڇڏيا، ڀارت واحد ٽيسٽ ۾ اننگز ۽ 300 رنسن تان سوڀارو

نيو چنديڳڙهه (ويب ڊيسڪ) ڀارت افغانستان کي واحد ٽيسٽ ميچ ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي اننگز ۽ 300 رنسن جي وڏي مارجن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
نيو چنديڳڙهه جي مهاراجا يادويندر سنگهه انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڀارتي ڪپتان شُڀمَن گِل ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو هو.
ڀارت پنهنجي پهرين اننگز ۾ ڪپتان شُڀمَن گِل جي 126، ڪي ايل راهول جي 100 ۽ ساءِ سڌرشن جي 81 رنسن جي مدد سان 8 وڪيٽن جي نقصان تي 564 رنسون ٺاهي ڊڪليئر ڪئي.
جواب ۾ افغانستان جي پوري ٽيم پهرين اننگز ۾ رڳو 152 رنسن تي ڍير ٿي وئي، جنهن ۾ رحمت شاهه 60 رنسون ٺاهي نمايان رهيو. ڀارت طرفان ٽيسٽ ڊيبيو ڪندڙ مانَو سوٽهڙ شاندار بالنگ ڪندي 33 رنسون ڏئي 6 شڪار ڪيا، جڏهن ته پرسيڌ ڪرشنا 3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.
فالو آن جو شڪار ٿيڻ کانپوءِ افغان ٽيم ٻي اننگز ۾ به ڀارتي بالرن آڏو ڪابه مزاحمت نه ڪري سگهي ۽ 112 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي، صديق الله اٽل 42 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهيو.
ڀارت طرفان ٻي اننگز ۾ واشنگٽن سُندر 4، ڪلديپ يادَو 3، جڏهن ته محمد سراج ۽ مانَو سوٽهڙ هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
پنهنجي پهرين ئي ميچ ۾ مجموعي طور تي ست وڪيٽون (هڪ اننگز ۾ ڇهه وڪيٽون) حاصل ڪرڻ تي مانَو سوٽهڙ کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.