لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ لاهور ۾ 49 رانديگرن کي ڪئمپ لاءِ دعوت ڏني آهي، جنهن ۾ 22 رانديگرن کي ٽيسٽ ۽ 27 رانديگرن کي ون ڊي ۽ ٽي 20 ڪئمپ لاءِ چونڊيو ويو آهي.
وائيٽ بال ٽيم جي ڪئمپ 18 سيپٽمبر جڏهن ته ريڊ بال رانديگرن جي ڪئمپ 10 جولاءِ تائين جاري رهندي، ويسٽ انڊيز جي دوري لاءِ امڪاني طور تي ڪئمپ 15 جولاءِ کان شروع ٿيندي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ٿنڪ ٽينڪ ون ڊي ٽيم جي ڪپتان شاهين آفريدي کي ٽيسٽ ٽيم جي ڪئمپ ۾ نه چونڊيو آهي، سندس نالو وائيٽ بال ڪئمپ جي 27 رانديگرن ۾ شامل آهي ۽ اميد آهي ته هو 15 جون تي ڪئمپ ۾ رپورٽ ڪندو.
واضح رهي ته شاهين آفريدي ڊسمبر 2017 ۾شيخ زيد ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ابوظهبي ۾ نيوزيلينڊ خلاف ٽيسٽ ڊبيو ڪيو هو، جڏهن ته هن آخري ٽيسٽ مئي 2026 ۾ بنگلاديش خلاف ميرپور ۾ کيڏي هئي، 34 ٽيسٽ ۾ هن 1114 اوورن دوران 3545 رنسون ڏئي 126 وڪيٽون پنهنجي نالي ڪيون آهن.
شاهين آخري ٽيسٽ بنگلاديش خلاف کيڏي هئي، جتي پاڪستان کي ميزبان هٿان 104 رنسن جي شڪست کي منهن ڏيڻو پيو هو، ان ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ ليفٽ آرم پيسر 31.1 اوورن ۾113 عيوض ٽي وڪيٽون ورتيون هيون، جڏهن ته ٻي اننگز ۾ 16 اوورن دوران سندس ڪارڪردگي 2/54 رهي، جنهن کانپوءِ سلهٽ ۾ کيڏيل ٻي ٽيسٽ ۾ فاسٽ بالر کي ڊراپ ڪري خرم شهزاد کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو هو.
بنگلاديش جي دوري ۾ شاهين آفريدي جي بالنگ جي رفتار تي سخت تنقيد ڪئي وئي هئي.
لاهور قلندرز لاءِ 140 پلس جي رفتار سان بالنگ ڪندڙ فاسٽ بالر بنگلاديش جي دوري ۾ مشڪل 134 ڪلوميٽر جي رفتار سان بالنگ ڪرائي سگهيو هو.
رڳو 17 سالن جي عمر ۾ ڪي آر ايل لاءِ راولپنڊي خلاف پهرين فرسٽ ڪلاس ميچ کيڏيندڙ شاهين آفريدي بابت سخت خدشا آهن، خدشا آهن ته هو فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ نٿو کيڏي ۽ 4 ڏينهن واري ڪرڪيٽ کيڏڻ کانسواءِ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سندس بالنگ ۾ بهتري جا امڪان گهٽ آهن.
ان ڳالهه کي نظر رکندي، هاڻ فيصلو ڪيو ويو آهي ته ون ڊي ٽيم جي ڪپتان کي مستقبل ۾ ٽيسٽ ٽيم لاءِ نه چونڊيو ويندو.