شفاف ۽ اڻڌريون چونڊون وقت جي ضرورت 

تحرير: مجاهد چنا

آخرڪار عدالتي حڪم کان پوءِ اليڪشن ڪميشن توڙي صدرمملڪت جي صلاح مشوري  بعد ملڪ ۾ 08 فيبروري2024ع خميس ڏهاڙي تي عام چونڊون ڪرائڻ جي تاريخ جو اعلان ڪيو ويو آهي. جيتوڻيڪ ان اعلان ۾ آئين ۾ ڏنل 90 ڏينهن واري گهرج کي پورو ناهي ڪيو ويو تنهن هوندي به چونڊن جي تاريخ جو اعلان سٺو سنوڻ آهي ان سان چونڊن جي باري ۾ پيدا ٿيل سڀئي خدشا هاڻي ختم ٿي ويا آهن. آئين موجب نگران حڪومت جي قيام کان پوءِ 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ لازمي هوندو آهي، پر پي ڊي ايم حڪومت پنهنجي مفادن لاءِ نئين مردم شماري جي منظوري ڏئي ڪري چونڊ عمل کي ملتوي ڪيو، اهڙي طرح پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊون 90  ڏينهن ۾ نه ڪرائي اليڪشن ڪميشن ۽ پي ڊي ايم حڪومت قوم سان مذاق ڪيو. چونڊن جي تاريخ جي مقرري ۾ اليڪشن ڪميشن جي سستي يا تاخيري حربا غير آئيني آهن. ان جو ان کان ضرور پڇاڻو ٿيڻ گهرجي.جتوڻيڪ قانوني ماهر چونڊن جي تاريخ جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن توڙي صدرپاڪستان جي ڪوتاهي قرارڏيئي رهيا آهن تنهن هوندي هاڻي جڏهن تاريخ جو اعلان ٿي چڪوآهي ته ديرآيد درست آيد سمجهندي اڳتي وڌڻ گهرجي.

نگران حڪومت توڙي اليڪشن ڪميشن جو بنيادي ڪم ئي آئين موجب مقرر ڪيل وقت اندر صاف شفاف چونڊون ڪرائڻ آهي. حقيقت به اها آهي ته ملڪ ۾ شفاف ۽ اڻڌريون چونڊون وقت جي اهم ضرورت آهن. جيڪڏهن ماضي وانگر “ چونڊ چهچٽو” ڪيو ويو ته پوءِ ان جو ڪوبه فائدو ملڪ ۽ قوم کي نه ٿيندو.اليڪشن ڪميشن کي مالي توڙي انتظامي طور بااختيار بنائڻ سان گڏ چونڊ اصلاحات پڻ ضروري آهي. چونڊن کي طاقت توڙي مال دولت جي راند نه بڻايو وڃي، مڙني سياسي جماعتن کي عام چونڊن ۾حصو وٺڻ جو برابري جو موقعو ۽ ضابطه اخلاق تي مڪمل عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. ڏٺو ويو آهي ته حڪومتي مشينري ذريعي توڙي مال ۽ دولت جي بنياد تي ڪجهه اُميدوار ماڻهن جي ضمير کي خريد ڪندا آهن ۽ ميڊيا توڙي تشهيري مُهم ذريعي آئين ۽ اخلاقيات جا سڀئي ليڪا لتاڙي ڇڏيندا آهن جنهن جو سدباب انتهائي ضروري آهي ڇو ته اها اسان جي ملڪ جي بدقسمتي آهي جو هر اليڪشن ۾ هارائيندڙ پارٽي ڌانڌلين جو الزام هڻي چونڊن کي تڪراري بڻايو آهي.ملڪي تاريخ ۾ ڪنهن به چونڊن کي شفاف توڙي اڻڌريو قرارناهي ڏنو ويو. 2018ع ۾ پڻ هڪ خاص جماعت کي چونڊن ۾ ڪاميابي ڏيارڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن توڙي مقتدر قوتن تي الزام لڳو، هاڻي وري پ پ ۽ پي ٽي آءِ سميت ڪجهه ٻيون سياسي جماعتون به چونڊن ۾ ليول پلينگ فيلڊ ڏيڻ جي گهر ڪرڻ سان گڏو گڏ هڪ خاص پارٽي لاءِ دڳ ٺاهڻ جا خدشا ظاهر ڪري رهيون آهن جيڪو ملڪ ۽ قوم لاءِ هرگز سٺو سنوڻ ڪونه آهي.ملڪ ۾ جاگيرداري توڙي وڏيرا شاهي نظام وانگر هتي چونڊن ۾ به هميشه ٻه پارٽي يا ٻه خانداني سسٽم هلي رهيو آهي جيڪي واري سان اقتدار ۾ هڪٻئي جا سهولتڪار رهيا آهن. 2018ع ۾ ٻنهي پارٽين مان ڪجهه لوٽا سليڪٽ ڪري ٽئين پارٽي کي اقتدار ڏنو ويو.

دراصل اهي چاليهه کان پنجاهه قومي اسيمبلي جا ميمبر آهن جيڪي هر ڀيري اقتدار جو سڻڀو پاسو وٺي پارٽيون بدلائيندا رهندا آهن جنهن جي ڪري اهل ۽ قابل ماڻهن جي رستا روڪ ۽ پارليامينٽ به بهتر طريقي سان پنهنجو ڪردار ادا نه ڪري سگهي آهي.اُميد ڪجي ٿي ته جهڙي طرح چونڊن جي تاريخ مقرر ڪرائڻ ۾ عدالت اهم ڪردار ادا ڪيو آهي اهڙي طرح 08 فيبروريءَ تي ملڪ ۾ صاف شفاف ۽ اڻڌريون چونڊون ڪرائڻ ۾ پڻ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندي

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.