اسرائيلي ظلم جو شڪار ٿيندڙ فلسطيني

تحرير: عزيزه حنا عباسي

هن وقت دنيا ۾ سڀ  کان وڌيڪ ظلم سهڻ واري قوم فلسطيني قوم آهي جنهن تي دنيا جو سڀ کان وڏو دهشتگرد ملڪ جيڪو زبردستي سڄي دنيا جو وڏيرو بڻيل آهي ،جنهن ۾ به وڏو هٿ اسان جي مسلم ملڪن جو آهي جيڪي ان جي حڪم سواءِ چپ به نٿا چوري سگهن، ٻار اسرائيل بي انتها ظلم جي بازار گرم ڪريو ويٺو آهي،  پر سڄي دنيا جا مسلمان ۽ مسلم اڳواڻ خاموش تماشائي بڻجي ڏسي رهيا آهن،هميشه فلسطينين کي وقت بي وقت تشدد جو نشانو بنائي شهيد ڪندڙن تي جڏهن فلسطين جي مزاحمتي تنظيم، حماس همت ڪري حملو ڪيو آهي ته ڄڻ ته سڀني جي پڇ تي لت اچي وئي آهي جو واويلا مچي ويئي ته اهو غلط آهي،

باقي پنهنجي ڌرتي تي ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار ٿيندڙ فلسطيني جن تي هر روز جيئڻ حرام ڪري ويٺل دنيا کي امن پسند نظر ٿا اچن، هن تازي صورتحال ۾ به امريڪا پنهنجي لاڏلي اسرائيل جو پورو ساٿ ڏيو بيٺو آهي ،سڄي دنيا ۾ اسرائيل خلاف احتجاج ٿي رهيا آهن پر هنن کي ڪابه پروا ناهي،مسلم ملڪن مان صرف ايران ۽  ترڪي عملي طور مددگار ٿي بيٺل آهن باقي ٻين ملڪن جو گهڻو زور بيان بازي تي آهي ،۽ اسان جو ملڪ ته هونئن به عام روايتي طور مظاهرو ڪري يڪجهتي جو اظهار ڪري پنهنجو فرض نڀائي چڪو آهي، جڏهن ته امداد پهچائڻ لاءِ   مصر پنهنجو رستو بند ڪري ويٺو آهي،مصر جي سرحد غزا جي ويجهو آهي، پر هو سرحد کولڻ لاءِ   تيار ناهي، ڪنهن جي اشاري جو منتظر ٿو لڳي،آقا اجازت ڏيندا ته بارڊر کوليندو ،دنيا جا سڀ مسلمان فلسطين ۾ ٿيندڙ قتل عام ڏسي رهيا آهن ،پر امريڪا جيڪو وڏو انساني حقن جو علم بردار بڻجي ٿو، تنهن کي چوڻ لاءِ تيار ناهن ته ڇو پنهنجا ٻيڙا اسرائيل موڪلي رهيو آهي،سڀ کان وڏو دهشتگرد خود آمريڪا آهي جيڪو پنهنجي مفاد خاطر سڀ ڪجھه  ڪري سگهي ٿو هن ڪيترن ئي ملڪن کي پنهنجو غلام بنائي ڇڏيو آهي،

جتي به جنهن به ملڪ ۾ سندن مخالفت ٿيندي ان جو انجام لبنان ،شام،عراق  جهڙو ٿيندو آهي، يهودين ۽ نصرانين جي پاڻ ۾ ٻڌي ڏسي به مسلم ملڪ ڪجھه  نٿا ڪن،پاڻ ۾ ٻڌي به نٿا ڪن  اڄ جيڪو ڪجھه  فلسطين ۾ ٿئي پيو سڀاڻي پاڻ سان به ٿي سگهي ٿو نه اقوام متحده سچي آهي نه ئي او آءِ سي،ڪجهھ ڪري، سواءِ بيان بازي ڪرڻ جي،جيڪا  دنيا جا غير مسلم ملڪ به ڪن پيا ،ڇا سڀ مسلمان ملڪ گڏجي ڪا پنهنجي فوج نٿا ٺاهي سگهن ،شايد ڪجھه  ٽائيم پهريائين جنرل راحيل شريف جي سربراهي ۾ ٺهي به رهي هئي ان جو ڪو اتو پتو ڪونهي، اسرائيل جي جنگي جنون چنگيز خان جو وقت ياد ڏياري ڇڏيوآهي، جنهن انساني کوپڙين جا محل ٺهرايا هئا،ساڳيو حال هن وقت غزا شهر جي معصوم ٻارن ۽ عورتن مردن سان آهي، غزا جي شهرين جو ڪربلا جيان پاڻي به بند ڪيو ويو آهي

،ڇا اها دهشتگردي ناهي؟ ڇا دنيا انڌي آهي جو پنهنجي حقن ۽ پنهنجي زمين لاءِ  سالن کان وڙهندڙ فلسطينين کي ظالم چوندي ،غير مسلم ملڪن ۾ به وڏا وڏا مظاهرا هلي رهيا آهن سڄي دنيا جي منع ڪرڻ باوجود به آمريڪا اسرائيل جو جنگي جنون گهٽجي نه سگهيو آهي،عراقي پارليامينٽ  غزا ۾ ٿيندڙ ظلم جي جواب ۾  عرب دفاعي معاهدي کي فعال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، عرب دفاعي معاهدو،عرب ڊفينس ٽريٽي جي نالي سان اوڻيهھ سئو پنجاهه ۾قائم ڪيو ويو هوجنهن ۾ ڪنهن به رڪن ملڪ جي خلاف اڳڀرائي جي صورت ۾اجتماعي دفاع کي اڳيان آڻڻ لاءِ   ڪيترن عرب ملڪن کي گڏ ڪيو ويو هو،ان جو بنيادي مقصد ٻاهرين طاقتن جي اڳراين خلاف گڏيل دفاع کي سامهون رکڻ هو،جيڪڏهن ان تي عمل ڪيو وڃي ته هي اجتماعي طور تي ٿيل دفاع هوندو،جيئن نيٽو ٻين ملڪن سان گڏ فوجي تعاون جي پيشڪش ڪري ٿو،جيئن  فوجي ساز سامان،يا لاجسٽڪ مدد ،ان معاهدي کي اڃان تائين ڪنهن وڏي مقصد لاءِ   استعمال نه ڪيو ويو آهي،هڪ طرح سان اهو هڪ بهترين عمل آهي ته گڏيل طور تي مسلم ملڪن سان ٿيندڙ ڏاڍ ۽ جبر کي منهن ڏيئي سگهجي، هن وقت ان معاهدي جي اهميت تمام گهڻي وڌندي محسوس پئي ٿئي ،ڇو ته جيڪڏهن گڏيل مزاحمت ٿيندي ته ان جو اثر به لاڀائتو نڪرندو،فلسطينين کي هن وقت مدد جي سخت ضرورت آهي، مسلم ملڪن کي گڏجي ڪو  تڪڙو قدم ضرور  کڻڻ گهرجي،ته جيئن انهن جون زندگيون بچائي سگهجن،۽ ڪو گڏيل مضبوط  پليٽفارم ضرور جوڙڻ گهرجي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.