ملڪ ۾ سياسي سرگرمين شروع ٿيڻ سان محسوس ٿي رھيو آھي تھ چونڊون ٿي رھيون آھن.ايندڙ چونڊن جي لاءِ ھر سياسي جماعت پنھنجي تڪ جي امڪاني اميدوارن سان ميل ملاقات ڪري رھيا آھن تھ وري چونڊن ۾ وڌيڪ سيٽون حاصل ڪرڻ جي لاءِ نوان نوان اتحاد جڙي رھيا آھن.في الحال ڪراچي سياسي سرگرمين جو مرڪز بڻيو آھي.
جتي پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان بلاول هائوس ۾ مختلف ضلعن سان تعلق رکندڙ اڳوڻن اسيمبلي ميمبرن سان ۽ پارٽي اڳواڻن ڌار ڌار ملاقات ڪيون آھن،جنھن ۾ھن تازي سياسي صورتحال بابت معلومات ورتي آھي.
ٺٽي ۾ ڪافي وقت کان پيپلزپارٽي ۾ گروپ بندي رھي آھي. جنھن جو ڪڏھن بھ ڪو حل نھ ڳوليو ويو آھي.اتي پارٽي مقامي سطح تي شايد ڪڏھن وڃڻ بھ نھ چاھيو آھي. اڳوڻي ايم اين اي اياز شاهه شيرازي ۽ ٻين شيرازي ڀائرن پ پ چيئرمين سان ملاقات ڪئي. اڳوڻي صوبائي وزير سسئي پليجو ۽ ٺٽي جي اڳوڻي ضلعي چيئرمين غلام قادر پليجو پڻ پيپلزپارٽي چيئرمين سان ملاقات ڪئي. ٻنھي وفدن ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جي سياسي صورتحال بابت آگاهي ڏني.بلاول ڀٽو زرداري سان اڳوڻي ايم پي اي شهريار خان مهر پڻ ساڻس ملاقات ڪري شڪارپور جي سياسي صورتحال بابت آگاھي ڏني.اڳوڻي صوبائي وزير امداد پتافي ۽ پ پ ٽنڊو الهيار جي جنرل سيڪريٽري ظهير پتافي پڻ ملاقات ڪئي.
اڳوڻي ايم پي اي نوابزاده ڄام شبير علي خان بھ ملاقات ڪندڙن ۾ شامل ھو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملاقات ڪندڙن سان ڳالھائيدي چيو تھ پ پ سدائين جمهوريت لاءِ ڪم ڪيو آھي. ھن چيوته اليڪشن جي اعلان ٿيڻ سان ئي سنڌ ۾ پ پ مخالفن جو اتحاد ٺھندو آھي پر سدائين سنڌ جو عوام تير تي ٺپو ھڻي انھن اتحادن کي رد ڪري ڇڏيندو آھي.ھن چيو تھ ايندڙ اليڪشن به عوام جي طاقت سان اسان کٽي ڏيکاينداسين.
ٻئي پاسي مسلم ليگ (ن) جي هڪ اعليٰ وفد، جي يو آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري علامه راشد محمود سومري سان ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي آھي.مسلم ليگ ن جي وفد ۾ اياز صادق، خواجا سعد رفيق، بشير ميمڻ،کيئل داس ڪوهستاني، علي اڪبر گجر ۽ ٻيا شامل هئا. وفد جي يو آءِ اڳواڻ کي نواز شريف جو پيغام پهچايو ۽ سنڌ ۾ ٺهندڙ گرينڊ الائنس بابت مشورا ڪيا.
هوڏانهن سعد رفيق چيو آهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان سان اتحاد ٿي چڪو آهي. ن ليگ وفد پير پاڳاري سان به ملاقات ڪئي آھي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف جي خواهش آهي ته مسلم ليگ ن جي سمورن ڌڙن کي گڏ ڪيو وڃي، مسلم ليگين جو اتحاد وقت جي ضرورت آهي.سياسي صف بندين ۽ نون اتحادن ۾ گھڻي دلچسپ صورتحال ملڪ جي پکيڙ جي لحاظ سان وڏي ۽ آبادي جي حساب سان ننڊي صوبي بلوچستان جي آھي.جتي چيو ٿو وڃي تھ سياسي طور تي وڏو ڦيرو آيو آھي. ن ليگ، بي اي پي (باپ)۽ جي يو آءِ ۾ اتحاد ٿيڻ جو امڪان آهي. ٽئي پارٽيون گڏجي چونڊ وڙهنديون.وڏي وزير جي مقرري لاءِ پوءِ ڳالهيون ٿينديون. ذريعن جو چوڻ آهي ته بي اي پي جو ڄام ڪمال وڏو وزير بڻائڻ جي شرط تي ن ليگ ۾ شامل ٿي سگهي ٿو..جڏهن ته جي يو آءِ عبدالغفور حيدري کي بلوچستان جو وڏو وزير بڻائڻ تي زور ڏئي رهي آهي.
ھڪ پاسي مختلف سياسي ڌريون پاڻ ۾ ملاقات ڪري نوان واعدا وچن ڪري رھيون آھن تھ وري ٻئي پاسي اھو سمجھيو پيو وڃي تھ ملڪ ۾ عام ماڻھن جي ڀلائي ۽ انھن جي معاملن ۽ مسئلن کي سياسي جماعتون نظرانداز ڪري رھيون آھن،اھو ئي سبب آھي جو ڪي جماعتون فقط چونڊن جي موسم ۾ متحرڪ ٿين ٿيون ۽ اھي پڻ رڳو مختلف بااثر گروپن يا ڌرين سان اتحاد قائم ڪري اليڪشن کٽڻ جي تياري ڪن ٿيون پر ڪڏھن بھ پنھنجي جماعت کي عوامي سطح تائين منظم ڪرڻ جي لاءِ ڪو ڪم نٿيون ڪن.جنھن ڪري عام ماڻھن ان سياسي ڌارا کان ڪٽيل رھي ٿو.جيتوڻيڪ ھر سياسي جماعت ملڪ ۾ جمھوريت جي لاءِ جدوجھد جي دعويٰ بھ ڪري ٿي پر جيڪڏھن باريڪ بيني سان ڏسجي تھ اھي جماعتون خود دنيا ۾ جمھوريت جي مقرر عالمي معيار کي نظر انداز ڪري رھيون آھن.جنھن ڪري ئي وڏيون سياسي جماعتون رڳو چونڊن دوران عوام جي ووٽ کي ڪيش ڪرائڻ بعد انھن جي حقيقي مسئلن کي حل ڪرڻ طرف ڌيان نٿيون ڌرين.
اھا عجيب ڳالھه آھي تھ سياست ۾ اھم ڪردار ادا ڪندڙ جماعتون ملڪ ۾ ٿيندڙ غيرجمھوري عمل، انساني حقن جي لتاڙ، عام ماڻھون جي مسئلن جھڙوڪ مھانگائي،بدعنواني،بيروزگاري،بدامني ۽ ميريٽ جي لتاڙ تي ڳالھائڻ جي زحمت نٿيون ڪن،جنھن مان اھو سمجھڻ ڏکيو نھ آھي تھ انھن سياسي ڌرين جو ڪھڙي جمھوريت تي ايمان آھي.سياسي اڳواڻ جيتوڻيڪ وسيع تر مفادن ۾ گڏجڻ جي ڳالهھ ڪن ٿا پر عملي طور تي اھڙي ڪا بھ اڳڀرائي ظاھر نھ ٿي رھي آھي، اھو درست آھي تھ مخلتف سياسي جماعتون اتحاد ڪن پيون ان سان ھڪ حد تائين سياسي ھم آھنگي ۽ استحڪام جي اميد تھ پئدا ٿي رھي آھي . جيڪا ھڪ مثبت ڳالھھ آھي. ان جي حوصلھ افزائي ٿيڻ گھرجي.پر انھن سرگرمين ۽ عمل جو ھڪ پاسو ھي آھي تھ اھو سڀ ڪجهھ ھڪ اھڙي وقت ۾ نظر اچي رھيو آھي جڏھن چونڊن جي تاريخ جو اعلان ٿي ويو آھي.جنھن مان تھ اھو ئي محسوس ٿي رھيو آھي تھ اھي عمل رڳو چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻڻ جي ڪوشش ئي آھن.
بھتر ٿئي ها جيڪڏھن ھن وقت بھ سموريون سياسي جماعتون پاڻ ۾ گڏجي اھو فيصلو ڪن تھ اھي ڪنھن بھ ريت ڪنھن سياسي سيٽ اپ کي ڊاھڻ لاءِ اسٽيبلشمنيٽ جي ھٿ ۾ رانديڪو نھ ٿينديون.اھي پاڻ ۾ وڙھڻ جي بدران پاڻ ۾ ويھي ڪري معاملا خوش اسلوبي سان حل ڪنديون.ھئڻ تھ ائين گھرجي جو سمورين ڌرين کي وڏي دل جو مظاھرو ڪندي اسٽيبلشمنيٽ جي عتاب جي شڪار ٿيندڙ جماعت تحريڪ انصاف جي لاءِ سياست ۾ برابر جي موقعي جو مطالبو ڪن ۽ باقي معاملا پڻ ۾ ويھي ڪري طئي ڪن.ڇاڪاڻ جو سياست ۾ ڪو بھ ھميشھ جي لاءِ دشمن نھ ھوندو آھي.وقت ڦرندي دير نھ لڳندي آھي ائين نھ ٿئي جووري وقت تڪڙو بدلجي وڃي ۽ سياسي اڳواڻ پنھنجي انائڻ ھٿان ھارجي وڃن.