آءِ جي سنڌ پوليس درٻيلي واقعي جو نوٽيس ورتو

ڪراچي(رپورٽر) آءِ جي سنڌ پوليس رفعت مختار راجا درٻيلي جي علائقي ۾ ٿيل پوليس مقابلي جي حوالي سان ميڊيا رپورٽن تي ايس  ايس پي نوشهروفيرز کان تفصيل طلب ڪري ورتا آهن.

ڏياري روشنين سان گڏ خوشين جو تهوار آهي: مقبول باقر

مقبول باقر/ هندو برادري کي مبارڪون ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر سنڌ سميت سڄي دنيا جي ھندو برادريءَ لاءِ نيڪ خواھشن جو اظھار ڪندي چيو آھي ته ھندو برادريءَ کي ڏياريءَ تھوار جون واڌايون ھجن. چيف منسٽر هائوس مان جاري پريس رليز موجب ھن چيو ته ڏياري روشنين سان گڏ خوشين جو هڪ تھوار آھي. ھن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي آئين ۾ اقليتن کي برابريءَ جا حق حاصل آھن ۽ سنڌ ۾ سڀئي ماڻھو محبت ۽ ڀائيچاري سان خوشيون ملھائيندا آھن

ڏياري جو پيغام برائي مٿان سٺائي جي فتح آهي: شهبازشريف

لاهور(م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف هندو برادري کي ڏياري واري ڏڻ جي خوشين تي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته ڏياري جو بنيادي پيغام برائي مٿان اڇائي جي فتح آهي. سماجي رابطي جي ويب سائٽ ايڪس (ٽوئيٽر) تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اسان سڀني کي گڏجي معاشري ۽ دنيا مان برائي جي خاتمي ۽ اڇائي جي هٿي لاءِ ڪم ڪرڻو هوندو. پاڪستان جي قيام ۽ ترقي ۾ اقليتن جو ناقابل فراموش ڪردار آهي. هن چيو ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي فرمودات جي روشني ۾ اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ هٿي جي عهد جي تجديد ڪيون ٿا.

سينيٽ چيئرمين پاران  ڏياري جي موقعي تي هندو برادري کي مبارڪون

اسلام آباد(م ڊ) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ڏياري جي موقعي تي هندو برادري کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي، ته هندو  برادري جو پاڪستاني ترقي ۾ اهم ڪردار آهي. بين المذاهب هم آهنگي ۽ احترام ذريعي اسان ترقي جي عمل کي تيز ڪري سگهون ٿا. گذريل ڏينهن جاري پريس رليز مطابق سينيٽ چيئرمين چيو ته ڏياري روشني ۽ رنگن جو تهوار آهي، اسان سڀني کي گڏجي پاڪستان جي سونهري مستقبل لاءِ هڪ ٻئي جي زندگيءَ ۾ خوشين جا رنگ ڀرڻا آهن. ان موقعي تي ڊپٽي چيئرمين سينيٽ مرزا محمد آفريدي، سينيٽر اسحاق ڊار، سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم به ڏياري جي موقعي تي هندو برادري کي مبارڪون ڏنيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.