هي وقت فلسطيني عوام کي بچائڻ جو آهي: سراج الحق

سيالڪوٽ (م ڊ) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير سراج الحق چيو آهي ته فلسطيني عوام کي بچائڻ جو هي ئي وقت آهي، 25 لک  جي آباد اسرائيل ۽ آمريڪا جي سامهون مضبوط ديوار بڻيل آهي، سيالڪوٽ ۾ لبيڪ يا فلسطين يوٿ ڪنوينشن کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته اڄ کان 76 سال اڳ اسرائيل جو وجود نه هو، غزه جو وجود هو، هن چيو ته جيتري بمباري آمريڪا افغانستان ۾ ڪيترن سالن ۾ ڪئي، ايتري اسرائيل ڪجهه ڏينهن ۾ ڪئي آهي، هن جو چوڻ هو ته هي فلطيني ئي آهن جن پٿرن ۽ گليل کڻي اسرائيل جو مقابلو ڪيو، ٻئي پاسي جماعت اسلامي جي ترعمان قيصر شريف چيو آهي ته جماعت اسلامي جي امير سراج الحق حماس سربراهه اسماعيل هانيه سان قطر ۾ ملاقات ڪئي، سراج الحق سان ملاقات ۾ حماس جي مرڪزي قيادت به موجود هئي، اسماعيل هانيه غزه جي موجوده صورتحال تي بريفنگ ڏني، حماس سربراهه اسماعيل هانيه چيو ته جماعت اسلامي ۽ پاڪستان قوم جو شڪريو ادا ڪيون ٿا، سراج الحق چيو ته پوري پاڪستاني قوم ۽ امت مسلمه اوهان سان گڏ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.