غزا صورتحال تي انساني حقن جون تنظيمون ڪٿي آهن: فضل الرحمان

مري(م ڊ) جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته حماس قيادت سان ملاقات ۾ هن چيو ته پاڪستان  جو ٻار ٻار فلسطين سان گڏ آهي، حماس به واضح چيو ته پاڪستان دنيا ۾ اسان جي اميد آهي،مري ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته فلسطين ۾ اسان جون مائرون ۽ ڀينرون شهيد ٿي رهيون آهن، فلسطين ۾ ننڍڙن ٻارن ۽ عورتن تي بزدل بمباري ڪري رهيو آهي، مولانا فضل الرحمان چيو ته جنگ جا به اصول هوندا آهن، انساني حقن جون تنظيمون ڪٿي آهن؟ هن چيو ته  آمريڪا جيڪڏهن پاڻ کي سپر پاور سمجهي ٿو ته پوءِ بيوقوف آهي، جيڪڏهن اسان به آمريڪا کي سپر پاور سمجهون ٿا ته پوءِ اسان به احمق آهيون، هن چيو ته چين ۽ سعودي عرب عمران خان کان ناراض آهن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.