اي اين پي نگران وڏي وزير جي مقرري رد ڪري ڇڏي

پشاور(م ڊ) اي اين پي ڪي پي ۾  نئين نگران وڏي وزير  جي نامزدگي تي خدشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته کين نئين نگران وڏي وزير جي مقرري قبول ناهي.ايمل ولي خان اڳوڻي وڏي وزير محمود خان ۽ اڪرم دراني جي مشاورت کي چورن جي ملاقات قرار ڏئي ڇڏيو،هن چيو ته ٻڌايو پيو وڃي ته اڳوڻي وڏي وزير محمد اعظم خان جي وفات جي ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ گورنر اجلاس سڏايو.هن  چيو ته نوڪري بچائڻ بدران گورنر ڪجهه ڏينهن انتظار ڪري اجلاس گهرائي ها، صوبي جي روايتن جو تقاضا آهي ته 3 ڏينهن کانپوءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي گڏ کڻي فيصلا ڪيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.